25 سومر , جون 2018

داعش پاڪستان جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان نئين گهرو سلامتي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي موجب پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم داعش کي پاڪستان جي امن جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي پاليسي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ( …

تفصيل »

وفاقي حڪومت 5 سالن جو آئيني مدو پورو ڪرڻ بعد اڄ رات 12 وڳي ختم ٿي ويندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ اڄ رات 12 وڳي ختم ٿي ويندي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اِهو ٻيون موقعو آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت پنهنجو آئيني مدو مڪمل ڪري رهي آهي، ان کان اڳ 2013ع ۾ پاڪستاني پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجو مدو …

تفصيل »

پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبي تي ڪم ڪندڙ سينيئر انجينئر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور(ويب ڊيسڪ) بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي تي ڪم ڪندڙ هڪ سينيئر انجنيئر گوهر خان منصوبي جي معيار ۽ ان ۾ استعمال ٿيندر شين جي مقدار کي ناقص قرار ڏيندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. انجنيئر گوهر خان جي استعيفيٰ جي متن موجب بي آر ٽي منصوبي …

تفصيل »

پاڪستان جي بنياد جمهوريت تي رکي وئي، هر مسئلي جو حل ان ۾ ئي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ جمهوريت تي ڪارا باب به موجود آهن پر پاڪستان جي بنياد جمهوريت تي رکي وئي هئي ۽ هر مسئلي جو حل اڄ به اُن ۾ ئي آهي. پاڪستان جي ترقي آزاد جمهوريت …

تفصيل »

نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت مان ڇوٽڪاري تي قوم الله جو شڪر ادا ڪري: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪڏهن به ناهي آئي، عوام ان جي حڪومت مان ڇوٽڪاري تي شڪراني جا نفل ادا ڪري. عمران خان حڪومتي مدو پورو ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ …

تفصيل »

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي ننڍڙي ٻارڙي کان پير چٽرائڻ واري ويڊيو جو جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ پوليس ٻارڙي تي تشدد جي ويڊي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو. لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ جي رهواسي جاويد پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي کان پير چٽرائڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي اَپ لوڊ ڪئي هئي. ويڊيو ۾ جوابدار ٻارڙي …

تفصيل »

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب چونڊون 25 جولاءِ 2018ع تي ئي ٿينديون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ملڪ آئين ۽ قانون جي موجب چونڊن ڏانهن وڃي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن …

تفصيل »

اصغر خان ڪيس: ڪابينا اجلاس نه گهرائڻ تي چيف جسٽس جي ڪاوڙ، حڪومت کي اڄ شام تائين مهلت

Asghar Khan Case: Former Army Chief Aslam Beg presented before the JSQM

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار اصغر خان ڪيس تي ڪابينا جو اجلاس نه گهرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومت کي اڄ شام تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ لاهور رجسٽري ۾ اصغر خان فيصلي تي …

تفصيل »

نگران وزير اعليٰ پنجاب جي لاءِ پي ٽي آءِ جي اميدوار ناصر دراني جي معذرت

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان نگران وزير اعليٰ پنجاب جي لاءِ نامزد ٻن اميدوارن مان هڪ ناصر دراني ذميواري قبول ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي. پنجاب ۾ نگران وزير اعليٰ جي لاءِ اڳوڻي بيوروڪريٽ ناصر محمود کوسا جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو پر تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان …

تفصيل »

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوججي فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي ظلمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ڪشميري شهيد ۽ پيلٽ گن جي استعمال سبب پنهنجي بينائي وڃائي چڪا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب …

تفصيل »

انڊونيشيا ۾ موت جو منتظر پاڪستاني قيدي ذوالفقار علي لاڏاڻو ڪري ويو

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ موت جي سزا مليل قيدي ۽ ڪينسر جو مريض پاڪستان جو ذوالفقار علي لاڏاڻو ڪري ويو. ذوالفقار علي کي حالت خراب ٿيڻ تي کيس انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾  منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته هن وٽ زندهه رهڻ جي لاءِ رڳو ڪجهه …

تفصيل »

حيرت آهي ته شهباز شريف کي ٻاراڻي ۽ سنجيده  عمل ۾ فرق جو احساس ئي ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته حيرت آهي ته شهباز شريف کي ٻاراڻي ۽ سنجيده عمل ۾ فرق جو احساس ئي ناهي. شهباز شريف گذريل ڏينهن جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته چوڌري نثار ۾ ٻاراڻي آهي ۽ ٻارڙي کي پرچائڻو پوندو آهي. …

تفصيل »

پرائيويٽ اسڪول مافيا ملي ڀڳت ڪري سرڪاري اسڪولن جو ٻيڙو غرق ڪيو: سپريم ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته پرائيويٽ اسڪول مافيا ملي ڀڳت ڪري سرڪاري اسڪولن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اسڪولن جي فيسن بابت مختلف هاءِ ڪورٽن جي فيصلن جي خلاف خانگي اسڪولن جي مالڪن جي اپيلن جي ٻڌڻي ٿي. …

تفصيل »

وفاقي وزير رياض پيرزاده کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بين الصوبائي وفاقي وزير رياض پيرزادي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ جو اڪشاف ڪيو آهي. تفصيل موجب وفاقي وزير رياض پيرزادي کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي آخري ڏينهن رياض پيرزادي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد …

تفصيل »

جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ سفير طور مقرري شرم جوڳي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته علي جهانگير صديقي کي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪرڻ شرم جوڳو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ علي جهانگير صديقي کي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مقرر ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سنگل رڪني …

تفصيل »