17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عبوري جج جي موجودگي ۾ انصاف نه ملڻ جو اشارو آهي: انوشا رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير انوشا رحمان چيو آهي ته سپريم ورٽ اسان جا خدشا پري ڪرڻ جو يقين ڏياريو  هو پر اڄ تائين نظرثاني اپيل رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو ناهي آيو، اڄ به سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي. نيب ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي انوشا …

تفصيل »

پاڙيسري ملڪن سان پر امن لاڳاپا چاهيون ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان پرامن بقا ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ خانگائڻ واري ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز سان برطانوي وزير اعظم جي خاص نمائندي اوون ڪينڪن ملاقات ڪئي. برطانوي وفد …

تفصيل »

تحريڪ انصاف جا دستاويز جعلي، شوڪت خانم جي ڊونرن کي مددگار ظاهر ڪيو: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر الزام لڳايو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان جمع ڪرايل دستاويزن ۾ جعلسازي سان ڪم ورتو ويو ۽ شوڪت خانم جي ڊونرن کي ئي پي ٽي آءِ جو ڊونر ظاهر ڪيو ويو آهي، ان جعلسازي جي حوالي سان آمريڪي …

تفصيل »

قائد اعظم کان پوءِ لياقت علي خان نئين ملڪ جي مضبوطي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قائد اعظم جي رحلت کان پوءِ لياقت علي خان نئين ملڪ جي مضبوطي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته اڄ قوم قائد اعظم، علامه اقبال ۽ شهيد ملت جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪري. شهيد ملت …

تفصيل »

نئين احتساب قانون تحت ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار رقم واپسي تي آزاد پر نااهلي برقرار رهندي

اسلام آباد(ويب ديسڪ) نئين تجويز ٿيل قومي احتساب ڪميشن ايڪٽ 2017ع ۾ قوم يا قومي ناڻي مان ڦريل رقم جي رضاڪاراڻي واپسي جي آڇ قبول ڪرڻ جو اختيار احتساب عدالت يا ايپلٽ ڪورٽ جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو آهي جڏهن ان کان اڳ اهو اختيا نيب جي چيئرمين وٽ …

تفصيل »

ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود  نواز شريف ٻيهر وزيراعظم نه ٿي سگهندو: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته  ادارن ۾ ٽڪراءُ خطرناڪ آهي، ترميم باوجود نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جو رستو صاف نه ٿيندو. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو …

تفصيل »

عالمي برادري ڀارت طرفان ٻارن کي شهيد ڪرڻ جو نوٽيس وٺي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي ٻارن کي شهيد ڪرڻ ۽ امن جي ڪوششن کي رنڊائڻ جو نوٽيس وٺن. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي نفيس ذڪريا جو چوڻ …

تفصيل »

آصف زرداري اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته مراعتن تي نه پر عوامي خدمت تي يقين رکندا آهيون، آصف زرداري وڏي وزير کي پگهارن ۾ واڌ کان روڪي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پ پ عوامي حڪومت آهي، خرچن ۾ گهٽتائي واري …

تفصيل »

نه ڪڏهن عدالتن کان ڀَڳاسين ۽ نه وري گار ڏني، عمران جهيڙي جي سياست پيو ڪري: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي، ادارن تي حملا ٿي رهيا آهن، جيڪو عدالتن کي اهميت نٿو ڏئي، اهو عوام کي ڇا انصاف ڏيندو. حيدرآباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته پاناما فيصلي …

تفصيل »

ڀارت جي وري ايل او سي تي فائرنگ، ٻارڙو شهيد، 5 زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي شهري علائقن ۾ فائرنگ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار شهيد ۽ چئن ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي …

تفصيل »

ڪور ڪمانڊر پشاور سان برطانوي جنرل نڪولس پيٽرڪ جي ملاقات، علائقي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف نڪولس پيٽرڪ ڪارٽر سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس علائقي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب برطانوي آرمي چيف آف جنرل اسٽاف نڪولس پيٽرڪ ڪارٽر ڪور ڪمانڊر پشاور …

تفصيل »

فواد چوڌري عارضي طور تحريڪ انصاف جو سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنهنجي پارٽي ترجمان فواد چوڌري کي عارضي طور سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ تي پنهنجي آفيشل پيج تي پيغام جاري ڪيو آهي ته فواد چوڌري کي پارٽي جو سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. …

تفصيل »

پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جو ڪو نظريو ۽ منشور ناهي: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جو ڪو نظريو ۽ منشور ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽ هولڊر سان ملاقاتن دوران ڪيو. هن لاهور ۾ تنظيمي اڳواڻن کي عام …

تفصيل »

جمهوريت کي خطرو ڪرپشن ۽ ناقص حڪومت مان آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت چئن ورهين ۾ ملڪ کي ڏيوالو ڪڍڻ جي ويجهو کڻي آئي آهي، جمهوريت کي خطرو ڪرپشن ۽ ناقص حڪومت مان آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شاهه …

تفصيل »

مون کي ڏُک رڳو ان ڳالهه جو ٿيو هو ته معيشت خراب ناهي پر سٺي به ناهي، مايوسيءَ کي اميد ۾ تبديل ڪرڻو پوندو: احسن اقبال

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اتحاد سان اسان ملڪ جي معيشت جو رُخ موڙيو آهي، اسان کي هاڻ مايوسيءَ کي اميد ۾ مٽائڻو پوندو، مون کي ڏُک رڳو ان ڳالهه جو ٿيو هو ته معيشت خراب ناهي ته ايتري سٺي به ناهي. ڊي جي …

تفصيل »