23 ڇنڇر , جون 2018

پي ٽي آءِ اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، عمران خان 5 تڪن تان چونڊ وڙهندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب عمران خان قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تان اليڪشن وڙهندو. پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي 173 اميدوارن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 290 اميدوارن جي چونڊ فهرست جاري …

تفصيل »

علاوالدين مري بلوچستان جي نگران وڏي وزير اعليٰ جو حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) علاو الدين مري بلوچستان جي نگران وزير اعليٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ گورنر هائوس ۾ حلف برداري واري تقريب ٿي جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر سميت اعليٰ اختيارين ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي علاو الدين …

تفصيل »

اصغر خان ڪيس: نواز شريف جو سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اصغر خان ڪيس جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس جي گذريل ٻڌڻي تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي عدالت طلب ڪيو ويو پر هو پيش نه ٿيو جنهن بعد …

تفصيل »

گري هاءِ برڊ جنگي طريقيڪار سان اسان جي سرحدن جي ڀرسان دهشتگردن کي تربيت ڏني وئي: جنرل زبير محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات جو چوڻ آهي ته گري هاءِ وي تي جنگي طريقيڪار اوڀر پاڪستان ۾ اسان جي خلاف استعمال ڪيو ويو ۽ اسان جي سرحدن تي ڀرسان ئي دهشتگردي کي تربيت ڏني وئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي …

تفصيل »

ريحام خان کي ڪهڙي بيماري آهي؟ صحافي جاويد جو انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي گهرواري  ريحام خان پنهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ  تڪراري بڻجي وئي  آهي .  ريحام خان  پنهنجي ڪتاب  ۾ ڪيترن ئي شخصيتن  بابت حيران ڪندڙ  انڪشاف  ڪيا آهن  جنهن سبب  ريحام خان کي  قانوني نوٽيس  به موڪلي چڪا آهن .ان …

تفصيل »

ن ليگ جي اعتراضن تي حيراني ناهي ٿي، فيصلو اليڪشن ڪميشن جو هو: حسن عسڪري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي لاءِ نامزد نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته ن ليگ جي اعتراضن تي حيراني ناهي ٿي، فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪيو آهي. ميديا سان ڳالهائيندي حسن عسڪري چيو ته ٻه وڏيون پارٽيون نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نٿيون ڪري سگهن، اليڪشن ڪميشن …

تفصيل »

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان چونڊ تڪراري بڻجڻ جو امڪان آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئون حسن عسڪري جي نالي تي اعتراض اٿاري رهيو آهيان، اسان مرڪز ۽ صوبن ۾ غير جانبدار ماڻهن جا نالا ڏنا. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته اسان پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ 2 …

تفصيل »

اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي موجب پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ سان سندس پاسپورٽ به پاڻ ئي بلاڪ ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ …

تفصيل »

بل گيٽس جو آرمي چيف سان رابطو، پوليو جي خاتمي واي مهم تي پاڪ فوج جي شاندار ڪادڪردگي کي ساراهيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين شخصيت ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن دوران آمريڪي شخصيت پوليو جي خاتمي واي ڪامياب مهم تي پاڪ فوج جي شاندار ڪارڪردگي کي بيحد ساراهيو. ڊي جي آءِ ايس پي …

تفصيل »

فوجي جوانن، سرڪاري ملازمن ۽ معذور ماڻهن لاءِ پوسٽل پيپرز حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ 5 جولاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن هٿياربند فوج جي جوانن، سرڪاري ملازمن ۽ معذور ماڻهن لاءِ پوسٽل پيپرز حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ 5 جولاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي ، جڏهن ته پولنگ تي مقرر عملي ۽ سڪيورٽي اهلڪارن لاءِ 10 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري ملازمن ، …

تفصيل »

ريحام خان کي 70 لک رپيا پگهار تي نجي ٽي وي جي نوڪري ڏيڻ جو انڪشاف

Taking Money from Shahbaz Sharif for Reham Khan's Books and Ancestors with Maryam Nawaz

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريحام خان کي 70 لک رپيا پگهار  تي نجي ٽي وي جي نوڪري ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.صحافي نصرالله  ملڪ دعويٰ ڪئي  هئي ته  ريحام خان  کي شهباز شريف  جي سفارش  تي نجي ٽي وي چينل  ۾ اينڪر  جي نوڪري  ڏني وئي .هن جي  70 لک رپيا …

تفصيل »

نامزدگي ڪاغذ جي اسڪروٽني لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن هفتن جو وقت هئڻ گهرجي: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم  پاڪستان  جي اڳواڻ فاروق ستار  جو چوڻ آهي ته عام چونڊن  ۾ اسڪروٽني  جو وقت  تمام اهم هوندو آهي  پر ان لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ  ٽن هفتن جو وقت هئڻ گهرجي . ڪراچي ۾ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي  فاروق ستار  چيو ته نامزدگي ڪاغذ …

تفصيل »

سنڌ ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جو حڪم، اسان جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهن:نگران وڏو وزير فضل الرحمان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ)سنڌ جي نگران وڏي وزير  فضل الرحمان  جي صدارت هيٺ سنڌ جي مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري رضوان احمد ميمڻ ، پي اينڊ ڊي ، سيڪريٽري آبپاشي ، سيڪريٽري صحت فصل الله پيچوهو ،  سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊلپمينٽ  ۽ آءِ جي …

تفصيل »

احسن اقبال حملو ڪيس: دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت چار جوابدرن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو

گوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت احسن اقبال حملي ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدارن تي مرڪزي جوابدار عابد حسين جي سهولتڪاري جو الزام هو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت گوجرانوالا ۾ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال حملي ڪيس جي …

تفصيل »

نيوز: مٺياڻي : ممتاز چانڊئي ۽ مولانا عبدالرحمان چونڊ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

Mithiani: Mumtaz Chandio and Maulana Abdul Rahman have filed the form of election

مٺياڻي ۾ پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ممتاز چانڊئي ۽ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالرحمان ريلي جي صورت ۾ اچي نامزدگي فارم جمع ڪرايا. پي ايس 35 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ممتاز علي چانڊئي چيو ته قيادت جي حڪم تي فارم جمع ڪرايا آھن …

تفصيل »