19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم ۽ آرمي چيف مديني شريف پهچي ويا

رياض(ع آ نيوز) وزير اعظم نواز شريف مديني پهچي ويو آهي ۽ مختصر قيام کان پوءِ پاڪستان واپس ايندو. ذريعن موجب وزير اعظم جي مديني اچڻ تي مديني شريف جي ڊپٽي گورنر وزير اعظم نواز شريف جو استقبال ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي آرمي چيف راحيل به وزير اعظم …

تفصيل »

ڪنهن سان جھيڙو ناهي، سسٽم سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا: آصف زرداري

لنڊن(ع آ نيوز)پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سسٽم سان گڏ هلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن سان به تڪرار نه ٿا چاهيون. ملڪ ڇڏي ناهيان ڀڳو، آمريڪا ۾ علاج لاءِ ويٺل آهيان. نجي ٽي وي چينل ڊان نيوز تي انٽرويو ڏيندي آصف علي …

تفصيل »

ن ليگ، پ پ ۽ اسان سيمت سڀني جي سس راولپنڊي ۾ ويٺي آهي: فاروق ستار

ڪراچي(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار سياسي پارٽين ۾ سس_نُهن جا رشتا ٺاهي ڇڏيا آهن. سندس چوڻ آهي ته ن ليگ پ پ جي سس، پ پ اسان جي سس ۽ سڀني جي سس راولپنڊي ۾ ويٺي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار …

تفصيل »

اسان وٽ ناڪامي جو ڪو آپشن ناهي، هن وقت تائين جيڪو ڪيو آهي ان ۾ ڪامياب ٿيا آهيون:مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ع آ نيوز) ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم ۽ تازو ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيندڙ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان وٽ ناڪامي جو آپشن موجود ناهي ۽ هيستائين جيڪو ڪجھه ڪيو آهي ان ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ڪراچي ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ …

تفصيل »

رينجرز جي نالي تي چندو گڏ ڪندڙن جو رينجرز سان ڪو واسطو ناهي: رينجرز ترجمان

ڪراچي(ع آ نيوز) رينجرز ترجمان ڪراچي ۾ رينجرز جي نالي تي چندو گڏ ڪندڙن کان هوشيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙن ماڻهن جو رينجرز سان ڪو واسطو ناهي. ڪالهه جاري ڪيل پڌرائي ۾ رينجرز ترجمان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٺڳن جا اطلاع ملي رهيا آهن. …

تفصيل »

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري،مختلف حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت،11 زخمي

ڪراچي (ع آ نيوز) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڇت ڪرڻ ۽ حادثن ۾7 ڄڻا فوت ۽ 11ڄڻا زخمي ٿي پيا. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ …

تفصيل »

مصطفيٰ ڪمال جي فلم جا ڊائريڪٽر ۽ هدايتڪار نوان آهن،زرداري ڊاڪٽر جي نه پر سرجن جي اجازت سان ڏيهه ورندو:حافظ حسين احمد

جيڪب آباد(ع آ نيوز) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ اڳواڻي سينيٽر حافظ حسين احمد چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر سطح تي صفائي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ڪمالاتي پارٽي ۾ ون باءِ ون جو واڌ “مائنس ون” طرف اشارو ڏئي رهيو آهي، مصطفيٰ ڪمال جي …

تفصيل »

ٽائپنگ جي غلطي سبب بنگلاديش سينٽرل بينڪ ۽ فيڊرل ريزور مان 80 ملين ڊالر چوري

ڍاڪا(ع آ نيوز) ٽائپنگ جي غلطي سبب بنگلاديش سينٽرل بينڪ ۽ فيڊرل ريزور مان 80 ملين ڊالر چوري ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٽائپنگ جي غلطي سبب بنگلاديش سينٽرل بينڪ ۽ نيويارڪ فيڊرل ريزروَ مان هڪ ارب ڊالر جي چوري جي ڪوشش ناڪام بڻجي …

تفصيل »

سينيٽ ۾ تعليمي نصاب ۾ بلوچن بابت اڻوڻندڙ لفظن جي استعمال ۽ غلطين تي مخالف ڌر جو احتجاج

اسلام آباد(ع آ نيوز) سينيٽ ۾ تعليمي نصاب ۾ بلوچن بابت اڻوڻندڙ لفظن جي استعمال ۽ غلطين تي بلوچ سينيٽرز احتجاج ڪيو، چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نصاب ۾ سنگين غلطيون آهن، درسي ڪتابن ۾ ٻارڙن کي پڙهايو پيو وڃي ته آمريت ڇا ۽ جمهوريت جا …

تفصيل »

پشاور ۾ هٿياربندن هٿان پاڪ فوج جو ڪرنل شهيد

پشاور(ع آ نيوز) پشاور جَي رنگ روڊ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب، رنگ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ليفٽيننٽ ڪرنل جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. گوليون لڳڻ سبب پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ڪرنل طارق غفور …

تفصيل »

وڏي وزير پوليس ۾ واڌو ڀرتين ۽ فنڊز ۾ گهوٻين جو نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

ڪراچي(ع آ نيوز) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پوليس ۾ واڌو ڀرتين ۽ جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قائم علي شاهه چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي ذميوارن کي وائکو ڪري سزا تجويز ڪئي …

تفصيل »

نيب جو سنڌ ۽ پنجاب لاءِ احتساب جو پيمانو ڌار ڌار آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيب تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته نيب جو سنڌ ۽ پنجاب لاءِ احتساب جو پيمانو ڌار ڌار آهي. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدليا پيپلزپارٽي جو ساٿ ڪڏهن ڏنو …

تفصيل »

هڪ ئي وقت پاڪستان ۽ چين سان جنگ نٿا وڙهي سگھون: ڀارتي وائيس ايئر چيف مارشل

دهلي(ع آ نيوز) ڀارتي وائيس ايئر چيف مارشل ڌانوا چيو آهي ته اسين هڪ ئي وقت پاڪستان ۽ چين سان جنگ نٿا وڙهي سگھون. ڀارتي اخبار هندستان ٽائمز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وائيس ايئر چيف مارشل ڌانوا چيو ته ايئرفورس وٽ ايترا جهاز ناهن جو جنگ جي …

تفصيل »

پي آئي اي کي پرائيويٽ لميٽڊ ۾ مٽائڻ لاءِ حڪومت جي سياسي چال، پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ع آ نيوز)پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز(پي آئي اي) کي پرائيويٽ لميٽڊ ۾ مٽائڻ جو بل منظور ڪرائڻ لاءِ حڪومت سياسي چال کيڏڻ جو فيصلو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس 14 مارچ تي گهرائي ورتو آهي، حڪومتي ذريعن مطابق 14 مارچ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس …

تفصيل »

بلوچستان جي علائقي شيراني ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي،عورت ۽ 4 ٻارڙا فوت

چمن(ع آ نيوز) بلوچستان جي علائقي شيراني ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورت ۽ 4 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن مطابق بلوچستان جي ضلعي شيراني جي علائقي ڪلي پونگا ۾ تيز برسات دوران گهر گهر جي ڇت زوردار ڌماڪي سان ڪري پئي، …

تفصيل »