20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد تي ڪاههَ ڪرڻ جي روايت- اثر امام

                        گهڻو وقت اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد اسلام آباد ڏانهن پنڌ ڪيو هئو. وزيرِ اعظم نواز شريف صاحب جي “چاهيندڙن” به سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جو نانءُ روشن ڪيو هئو. ان کان علاوه سڪندر خان ته توهان کي ياد ئي هوندو جنهن اڪيلي …

تفصيل »

ڇو ٿا مذاق ڪيو- وسعت الله خان

                        ڪنهن اهم مسئلي کي حل ڪرڻ بدران دفنائڻ وڌيڪ گهڻو آسان هوندو آهي ۽ ان کان به وڌيڪ آسان هي آهي ته مسئلي تي ڪميشن ٺاهي ڇڏيو. يقين نه اچي ته گذريل 70 سالن ۾ ٺهيل تحقيقاتي ۽ اصلاحي ڪميشن جو حالُ ڏسي وٺو. اڪثر جون رپورٽون اهم قومي …

تفصيل »

حڪمرانن جي پت وائکي ٿي وئ-احمد رضا عباسي

پاناما ليڪس جي تازي پڌرائيءَ سڀني حڪمرانن ۽ اقتدار تي سالن کان قابض ٽولين جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.انهي رپورٽ ۾ 73 ملڪن جي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ملڪي ناڻو لٽيندڙن جا نالا پڌرا ڪري پوري دنيا ۾ هڪ عجيب هلچل مچائي ڇڏي آهي جنهن ڪري انهن ۾ لنڊن جهڙي …

تفصيل »

آسودا حڪمران ۽ غريب عوام- منان چانڊيو

                        ڪجھه ڏينهن کان وٺي ملڪي سياست ۾ ڌمچر ۽ ٻائيتال مچي ويو آهي. ۽ جتان ڪٿان وٺ،وٺان لڳي پئي آهي ته ميان برادران اربين،کربين روپيه ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃي ذاتي ڌنڌا ڌاڙي شروع ڪيا آهن. شريف برادران تي اربين کربين روپيه ملڪ مان ڳجھه ڳوهه ۾ کڻي سعودي …

تفصيل »

صوفي فنڪار سيد موٽڻ شاھه رحم جوڳي زندگي گذارڻ تي مجبور – منٺار جاگيراڻي

                        سنڌ صدين کان تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي خطو رهندو اچي پيو، هن ڌرتيءَ جي سنڌو سڀيتا اڄ به سڄي دنيا جي ڌيان جو مُک مرڪز آهي، جڏهن يورپ اڃا پٿر دؤر ۾ زندگي گهاري رهيو هو ته ان وقت موهن جو دڙو هڪ مهذب سماج جو شهر هو، جن …

تفصيل »

پاناما ليڪس کانپوءِ….- مهتاب اڪبر راشدي

ملڪ ۾ ٻيا مسئلا گهٽ هئا جو پاناما ليڪس اچي مٿان نازل ٿيا. ملڪ ۾ ته هونئن فرشتن جي حڪومت ئي رهي آهي. هن مهل شريفن جي حڪومت، اڳ ۾ زردارين جون ”زر“ سان ياريون يا وري مشرف دؤر ۾ ڀائيجان، چوڌري ۽ شوڪت عزيز جا جاوا ۽ ان کان …

تفصيل »

قومي تحريڪ جو پنجون وڏو وڇوڙو- علي نواز ٻٽ

آئون 6 اپريل تي ميهڙ کان ڪراچي اچي رهيو هيس، بس ۾ ويٺس ته ايس ايم ايس آيو جيڪو ڀاءُ آزاد قاضيءَ ڪيو ته جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين شفيع ڪرناڻي قتل ٿي ويو آهي! ايس ايم ايس پڙهندي منهنجي مٿان وڄ ڪري وئي، آئون ڪجهه دير سڪتي ۾ اچي …

تفصيل »

وڪي ليڪس ، پاناما ليڪس ۽ ميڊيا جو ڪردار !!- سعيد احمد مڱريو

وڪي ليڪس هجي يا پاناما ليڪس ٻنهن جي اندر سياستدانن جا نالا شامل آهن ۽ انهن  جي ڪردار جي ڳاله ڪئي وئي آهي . وڪي ليڪس وڏن وڏن سياستدانن جا پول کولي سڄي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو هيو ان ويب سائيٽ جو باني جولين اسانج هيو، وڪي ليڪس تي …

تفصيل »

نذير عباسي ۽ ملڪ جي ترقي پسند جمهوري تحريڪ- تاج مري

شهيد نذير عباسي چاچي جان محمد عباسي جي گهر ۾ 10 اپريل 1952ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ نذير عباسي جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي پورهيت همت سوچ رکندڙ هو. هو اڃان هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هيو ته ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف شاگردن جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي. 4 …

تفصيل »

انڊيا جي ايس 400 سسٽم وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ!- شفيق شاڪر

ميڊيا رپورٽن موجب هندستان روس جي بنايل ايئر ڊفينس سسٽمس ايس 400 خريد ڪرڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي. انهيءَ سسٽم جي خريداريءَ کان پوءِ انڊيا جي فوج چين کان پوءِ دنيا ۾ايس 400 سسٽم رکندڙ ٻي نمبر فوج بڻجي ويندي. ايڪانمڪس ٽائيمز مطابق انڊيا جي وزير دفاع منوهر پريڪر …

تفصيل »

چئه! جو توکي چوڻو آ…

سنڌ جي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪير ڪندو..؟؟؟ تازو سڄي سنڌ ۾ لٿل ڪڻڪ جي فصل کان پوءِ آبادگارن ۽ هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي جنهن سبب سڄي سنڌ اندر واپارين جي ٻيگهي متل آهي هڪ طرف سرڪار پاران ڪڻڪ جي اڍائي مڻ جي ٻوري …

تفصيل »

ڏوهه کي جائز قرار ڏيڻ جي مهم- نذير ناجي

نه ڄاڻ ڇو؟ مونکي ايئن لڳو ڄڻ اسان جو وزيراعظم نواز شريف امتحان جي اڄوڪن ڏينهن ۾ پنهنجي ”جنگ“ اڪيلو وڙهي رهيو آهي. ڪنهن وڏي وزير ۽ جماعت جي اڳواڻ سندس حق ۾ معقول بيان ناهي ڏنو. سندس ٽيم جا رنگيلا/منور ظريف حد کان اڳتي وڌندي ميان صاحب سان وفا …

تفصيل »

پاناما ليڪس يا ليڪون؟- تنيو سڪندر

سماج کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار رياست جو هوندو آهي ۽ رياست ڪا بي ساهي مخلوق نه هوندي آهي، پر سوچ سمجهه رکندڙ ماڻهن جو مجموعو هوندي آهي، جنهن رياست جا هلائيندڙ ايماندار ۽ صالح ماڻهو هوندا آهن، سي ئي سڌريل سوسائٽي قائم ڪري سگهندا آهن.                 اڄ پڙهيل لکيل …

تفصيل »

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون: ميڊيا به عوامي مسئلن کي نظرانداز ڪري ته باقي ڇا بچيو؟-زرار پيرزادو

چوندا آهن ته گهوڙو گاهه سان دوستي رکندو ته ڇا کائيندو سو ميڊيا به جيڪڏهن ادارن سان ڦٽائيندي ته ڇا کائيندي. ميڊيا جا رپورٽر به ادارن کي بليڪ ميل ڪري 24 ڪلاڪ ڪميشنون ماڻڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن. هر خبر تي نظر رکڻ بدران هر ڪميشن تي نظر هوندي …

تفصيل »