20 ہفتہ , جنوری 2018

پکي ۾قومي جشن، ڌرتي سان محبت جو وچن

پکي مان علي گل مغيري جي ڊائري پکي شھر واسين عوامي آواز جي ثقافتي سڏ کي عيد جي خوشيءَ جيئن ڀرپور نموني ملھائي تاريخ لکي ڇڏي، ننڍي وڏي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي سنڌ جيجل جي ثقافت کي اجاگر ڪري سچي سپوت ھئڻ جو ثبوت پيش ڪيو، …

تفصيل »

گھوٽڪي انڊلٺي رنگن ۾رنڱجي وئي

گھوٽڪي مان مسرت مهر لکي ٿو سنڌ ڌرتي جيڪا صوفين اوليائن بزرگن جي ڌرتي آهي، جتي رهندڙ سڀ قومون پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڀائرن وانگر رهنديون آيون آهن پر ڪجھه عرصي کان هتي ڪجھه شر پسند ماڻهن هن جنت جهڙي سنڌ ڌرتي تي خون جي هولي کيڏندي هتان جو …

تفصيل »

ڳالهائڻ جي ”اڌ- ابتڙ“ جزن جو نحوي- جدلياتي ڳانڍاپو

پريم  متراڻي نحوي ڪسوٽي __ جدلياتي ڳانڍاپا لفظ، انفرادي طور اشتقاقي، صوتياتي، معنوي ۽ صرفياتي ڳانڍاپن ۾ پاڻڀرو  (Self-Sufficient) هوندي به، پاڻ منجهھ منعڪس ٿيل معروض جي رڳو هڪڙي پاسي جي ئي نمائندگي ڪري سگھندا آهن ۽ پاڻ سان لاڳاپيل ٻين پاسن جي انعڪاسي نمائندگي لاءِ، الڳ لغوي طريقيڪار اختيار ڪندا …

تفصيل »

انجمن ترقي پسند مصنفين گولڊن جوبلي ڪانفرنس

ستار پيرزادو مارچ 1986ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي  ڪانفرنس، ڪرڻ جي پاڪستان چيپٽر وارن پاڻ وٽ ڪوٺائڻ جي حامي ڀري هئي. ان جي ميزباني سنڌ، ڪراچي يونٽ ڪري رهيو هو.اها ڪانفرنس ٽه-ڏهاڙي ڏيهان ڏيهي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ رٿي وئي هئي. انجمن ترقي پسند مصنفين جو پايو وجھندڙ …

تفصيل »

سياست جا نوان رنگ ڍنگ

مهتاب اڪبر راشدي پهرين ته رڳو ڪراچيءَ ۾ ئي اهو آزار هوندو هو، جو هڪ جنوني ۽ دهشتگرد جي سڏ تي ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ وار شهر پنڊ پهڻ ٿي ويندو هو، ڪنهن جي مجال نه هوندي هئي جو ڪا بس، رڪشا يا پبلڪ ٽرانسپورٽ رستي اچي، ان کي تيلي لڳائڻ …

تفصيل »

سنڌ جي محب وطن ڌرين جو گڏيل قدم

جي اين مغل منهنجي گذريل ڪالم جو عنوان هو“ سنڌ جون 28 نومبر واري ڪانفرنس تي اکيون کتل”. مون پنهنجي انهيءَ ڪالم ۾ لکيو هو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي(ايس يو پي) جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي ميزباني هيٺ ٻه، ٽي هفتا اڳ سنڌ جي اڪثر محب وطن سياسي …

تفصيل »

فيض آباد جو ڌرڻو ۽ عدالت جا سوال

آغا نور محمد پٺاڻ گذريل هفتي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي سنگم فيض آباد واري پُل وٽ 21 ڏينهن کان هلندڙ ڌرڻو عسڪري عملدارن جي مهربانين سان ختم ٿيو ۽ هڪ دفعو وري نواز شريف جي سول حڪومت هن ڌرڻي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. اسان ڪراچي مان انهن …

تفصيل »

”فلسفي “سڏائيندڙ پهريون ڏاهو پائيٿا گورس

وقار  احمد راهمون پائيٿا گورس فلسفي جو لفظ ايجاد ڪندڙ، باقاعده پهريون اسڪول قائم ڪندڙ، عورتن کي مردن برابر سمجهندڙ، رياضي جو مشهور ٿيئرم ڏيندڙ، يونان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ، نوان مذهبي خيال ڏيندڙ هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار هو، جنهن پنهنجي زماني جي ماڻهن کي اهڙو متاثر ڪيو، …

تفصيل »

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو…

امير ڀنڀرو مون سڄي  ڌرتي ڌڻيءَ جي دلين مان گهمي ڏٺو آهي ۽ انهن جي اندر مان اها خوشبو احساس ۽ جذبو محسوس ڪيو آهي ته هنن کي جڏهن به سنڌ سڏيو آهي، ايڪي لاءِ، قومي ٻڌيءَ لاءِ سنڌ واسين انهي کي نه صرف جيءُ سان جواب ڏنو آهي،  پر انهيءَ …

تفصيل »

سنڌي ٽوپي شان اسان جو

وفا ولي محمد ڦل سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جو ڏهاڙو اڄ 3 ڊسمبر تي ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب ٽوپي ۽ اجرڪ اسان سنڌي ماڻهن جو شان ۽ مان آهي، سنڌي ٽوپي اجرڪ هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ پائڻ جو رواج هونئن …

تفصيل »

سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ۽ ڌرتي ڌڻين جا جذبا

راحب علي سولنگي سنڌ جيڪا اعليٰ قدرن روشن روايتن جي امين ڌرتي رهي آهي.سنڌ جنهن جي سڃاڻپ  اعليٰ قدرن جي حوالي سان رهندي. اسان جي معاشري جي ترقي ۽ اقتصادي نظام سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي اسان پنهنجي تهذيب ثقافت کي سمجهون سنڌي قوم کي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي …

تفصيل »

سنڌي ثقافتي ڏينهن

سڪندر بوزدار سنڌي ثقافتي ڏينھن”’, سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ  جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.3 ڊسمبر جو ٽوپي اجرڪ وارو  جو ثقافتي ڏهارو سنڌ  جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ڏينهن طور تي ياد رکيو …

تفصيل »

فيض آباد ڌرڻو: ملڪ ۾ ڪنهن جو راڄ هلي ٿو؟:قاسم سوڍر

هونئن ته ڌرڻا، احتجاج، افراتفري ۽ مذهبي توڙي سياسي وڳوڙ پوري ملڪ ۾ روز جو معمول بڻيل آهن، پر جهڙيءَ طرح ملڪ جي پرامن گادي اسلام آباد، کي افراتفري جو مرڪز بڻايو آهي تنهن منجھان پوري دنيا ڏانهن پاڪستان جو جيڪو ناڪاري تاثر وڃي ٿو، سو ملڪ لاءِ ڪيترو نقصانڪار …

تفصيل »

مايوسي ڪفر پر حقيقت ايتري ئي ڪڙي آهي

امداد سومرو فيض آباد ڌرڻي واري تماشي نواز ليگ کي ٻن ڪئمپن کان به هاڻي وڌيڪ حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اڳ چوڌري نثار ۽ شهباز شريف گروپ هو جنهن جا پارٽي چيف ميان نواز شريف سان اختلاف هئا پر فيض آباد ڌرڻي واري حڪمت عملي تي اهي اختلاف وڌيڪ چٽا …

تفصيل »

فيض آباد ۾ ملڪ جي مستقبل جو سودو ٿيو؟

محمد حنيف نيٺ بيڪارُ عمر جو هڪ حصو ڪراچيءَ ۾ گذري ويو، اڄ ڪلهه ڪڏهن ڪڏهن شام جو ننڍن ڌماڪن جا آواز ٻڌندو آهيان ته دل گهٻرائجي ويندي آهي، جيتوڻيڪ ڄاڻان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ اممن بحال ٿي چڪو آهي، ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڪو پراپرٽي ڊيلر پنهنجي پراجيڪٽ جي …

تفصيل »