23 سومر , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز پروگرام : مڪالما | مهمان : ڊاڪٽر اختر سعيد حامدي | ميزبان : ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي (رپورٽر) غيبات جو اثر جن ڀوت ۽ جادو جو اثر وغيره نفيساتي بيماريون آهن. جنهن جو علاج نفسياتي ماهر ذريعي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن منفي روين دٻاءُ، ڪاوڙ، جذبات کي چڱي طرح سان منهن نه ڏنو وڃي ته دماغ جي ننڍڙي حصي ۾ ڪيميائي تضاد پيدا ٿيندو آهي. جيڪي انسان کي ذهني ۽ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر جبارڪ خٽڪ جي پروگرام مڪالمه ۾اميريڪا کان آيل مهمان ڊاڪٽر اختر سعيد حامدي ڪيو آهي. ڊاڪٽر اختر سعيد حامدي  امريڪي جيلن ۾ ڪويشنل ٿراپي ۽ سائيڪاٽري جو ماهر ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر اختر سعيد پروگرام ۾ چيو ته اسان جي دماغ جو هڪ ننڍڙو حصو سمورن انساني جذبن پسند، ناپسند، ڪاور، خوشي سميت هر انساني رويي کي ڪنٽرول ڪندو آهي. ذهني نفسياتي بيمارين جو اصل سبب معلوم ڪري انهن جو علاج ڪرڻ کي سائيڪاٽري چيو  ويندو آهي. رڙيون ڪرڻ، جذباتي ٿي وڃڻ، ٻين ماڻهن تي حملو ڪرڻ وغيره انساني دماغ ۾ ڪيميائي تضاد پيدا ٿيڻ ڪري آهي. اهڙن مريضن کي ٻڌي ڪمري ۾ واڙڻ نه پر سائيڪاٽري ذريعي علاج ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر اختر سعيد وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ڊپريشن ۽ انگزائٽي جو شڪار آهي ۽ اهي ڊپريشن کان ڊڄڻ لاءِ سائيڪاٽري ڏانهن رخ ڪندا آهن.آمريڪي قيدين لاءِ هر جيل ۾ ڪويشنل سائيڪاٽري جي سهولت موجود آهي. جيئن قيدين کي بااخلاق ۽ سٺو انسان بڻائي سگهجي ٿو. اميريڪي قيدين کي قيدي نه پر جيل جا باشندو ڪوٺيو ويندو آهي. کين عام شهرين واري هر سهولت مهيا ڪئي وئي آهي. انهن جي پڙهڻ لکڻ جي سهولت کان وٺي مذهبي عقيدن تي عمل ڪرڻ ۽ ذهني ۽ جسماني تربيت جا سمورا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن.جڏهن ته پاڪستان ۾قيدين کي ذهني اذيتون ڏئي وڌيڪ ڏوهه ڪرڻ تي همٿايو وڃي ٿو. ڊاڪٽر اختر وڌيڪ ٻڌايو ته اوباما جو هيلٿ ڪيئر پروگرام نوجوانن ۽ غريب طبقي لاءِ هڪ سٺو سنئوڻ آهي. جنهن سان عام شهري کي هر قسم جي طبي سهولت ڏني وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 11/9 جي واقعي کانپوءِ پاڪستانين ۽ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ واري ڳالهه سراسر غلط آهي. هن چيو ته اسان ڀلي ڪٿي به هجون پر پنهنجي جنم ڀومي سان محبت گهٽ ناهي ٿي ۽ ساڳي محبت ۽ جذبو پنهنجي اولاد کي به منتقل ڪيو آهي. اپما ۽ JSMO جون تنظيمون اميريڪا سميت سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ بهترين وٺي رهيون آهن.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: رات نائين وڳي وارو خاص نيوز بليٽن / 2017-10-22

*اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو  آهي ته عمران خان کي گيمبلر، خربرد …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي