27 سومر , مارچ 2017

سنڌ هاءِ ڪورٽ بشير هاليپوٽي کي نااهل قرار ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

Sindh High Courtڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي تڪ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ بدين مان چونڊيل پ پ ايم پي اي بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مٿس مڪاني چونڊن دوران ضابطه جي ڀڃڪڙي وارا الزام غلط آهن، اليڪشن ڪميشن ڪنهن به چونڊيل ميمبر کي نااهل قرار نٿي ڏئي سگهي.  عدالت موقف ٻـُڌڻ بعد بشير هاليپوٽو جي نااهلي وارو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کان پهرين فيبروري تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت، ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به موجوده ميمبر کي سڌيءَ ريت نااهل قرار نٿي ڏئي سگهي، ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنس اماڻڻ اسپيڪر جو ڪم آهي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ بدين جي تڪ پي ايس 55 تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل شيڊول تي به عملدرآمد روڪيندي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chicken

ڪڪڙ جو گوشت 27 مارچ کان 400 رپين ۾ وڪرو ٿيندو: سنڌ پولٽري هول سيلر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏيڍ هفتي کان سڄي ملڪ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه وڌندو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي