27 سومر , مارچ 2017

جڏهن ڪو ماڻهو گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته ان جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي: ن ليگي اڳواڻ

Mariyam AND Talalaاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان جو مين وڪيل به ڀڄي ويو، جڏهن ڪو ماڻهو گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته ان جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي. الله نعيم بخاري کي صحت ڏئي ۽ عمران کي گهرجي ته ان کي فيس به ڏئي ڇڏي پر اهڙي ڪا به اميد نظر نه پئي اچي. اڄ اسان جي وڪيل وزير اعظم تي لڳندڙ سمورا الزام پنهنجن دليلن سان رد ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان هميشه ڪوڙ جي سياست ڪئي آهي، ان جو مقصد ملڪي ترقي کي روڪڻ آهي. عمران خان ڪوڙ، الزامن ۽ احتجاجي سياست جو بادشاهه آهي پاناما ۾ جائيداد جو تعلق نه مني لانڊرنگ سان آهي نه وري ٽيڪس لڪائڻ سان. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ کي ايٽمي رياست بڻايو، وزير اعظم ملڪ کي پهريون صحت پروگرام ڏنو. نواز شريف ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم چونڊجو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Qadeer Khan

ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيم پر حڪمرانن روڪيو: ڊاڪٽر عبدالقدير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي