25 اڱارو , جولاءِ 2017

سپريم ڪورٽ گهوٽڪي ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙي کي سڱ چـَٽي ڏيڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

ghotkiاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گهوٽڪي ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙي کي سڱ چـَٽي ڏيڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ضلعي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار موجب گهوٽڪي ضلعي جي رهواسي علي حسن مزاري پاران سپريم ڪورٽ کي انساني حقن واري سيل جي معرفت هڪ درخواست اماڻي وئي هئي. ڳوٺاڻي علي حسن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ٽـِي لک رپيا اوڌر ادا نه ڪرڻ ٿيڻ تي سندس ٽن ورهين جي ٻارڙي کي سڱ چٽيءَ طور ڏنو ويو هو. عدالت، اهڙي درخوست کانپوءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي گهوٽڪي پوليس کان 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پوليس پاران رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئل ٽئنڪر مالڪن جي ٻي ڏينهن به هڙتال،  تيل جو بحران پيدا ٿيڻ شروع

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) آئل ٽئنڪرز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي ٻئي ڏينهن پئٽرول جي فراهمي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي