26 آچر , فيبروري 2017

ڪراچي يونيورسٽي تي قانون لاڳو ڪندڙن جو ڇاپو، اسسٽنٽ رجسٽرار گرفتار

Karachi Uniڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڇاپو هڻي اسسٽنٽ رجسٽرار عارف حيدر کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پنهنجي گهرواري سميت ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ ڪم ڪندي يونيورسٽي ۾ جعلي ڀرتين سميت ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو. سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن ڪراچي يونيورسٽي جي انرولمينٽ سيشن ۾ ڇاپو هڻي اسسٽنٽ رجسٽرار عارف حيدر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جوابدار عارف حيدر ۽ سندس گهرواري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ هن يونيورسٽي اندر ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ڪرايون. ذريعن موجب جوابدار يونيورسٽي اندر انرولمينٽ سيشن جو انچارج هو ۽ هو يونيورسٽي ۾ ڪرپشن سميت ٻين ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

saeed-ghani0000

مان عرفان الله مروت جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ ۾ رنڊڪ بڻيل ناهيان: سينيٽر سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر سعيد غنيءَ چيو آهي ته مان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي