21 ہفتہ , اپریل 2018

ميهڙ ويجهو انڊس هاءِ وي تي پوليس مقابلو، هڪ ڌاڙيل مارجي ويو

Mehar Mapميهڙ(ويب ڊيسڪ) ميهڙ ويجهو انڊس هاءِ وي تي پوليس سان مقابلي ۾هڪ ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته انڊس هاءِ وي تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ سندس 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايس پي  دادو شبير سيٺار جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ علي شير کوسو طور ڪئي وئي، جنهن جو لاش ميهڙ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي دادو چيو ته مارجي ويل جوابدار پوليس اهلڪارن جي قتل سميت 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ گيمز جي بندوبستن رانديگرن جو ڪيريئر ۽ زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ گيمز نه رڳو ڏسڻ وارن جا هوش اڏائي ڇڏي  پر رانديگرن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے