22 خميس , جون 2017

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي

AD Khuwajaڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جـِي اَي ڊِي خواجه کي هٽائڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ  سرڪار هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏني آهي ته آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه واپس اچي پنهنجيون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن، کيس عهدي تان هٽائڻ جو ڪو به ارادو ناهي. چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي جبري موڪل تي اماڻڻ ۽ پوليس آرڊر 2002 کي ختم ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جي درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران رينجرز پاران ايڊووڪيٽ ساجد محبوب شيخ ۽ گهرو وزارت پاران فاروق ايڇ نائيڪ وڪالت ناما جمع ڪرايا. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالتي حڪمن تي جواب داخل ڪرائيندي چيو ته اي ڊي خواجه کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽايو نه پيو وڃي، اهو موڪل تي ويل هو، هاڻي واپس اچي چڪو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اي ڊي خواجه آءِ جي سنڌ جي عهدي تي برقرار آهي، کيس هٽائڻ جو ڪو به ارداو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسميبلي جو اجلاس: ميمبرن جي دير سان اچڻ تي اسپيڪر ڪاوڙجي پيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرز تي ڪاوڙ جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي