22 بدھ , نومبر 2017

سنڌ جي گورنر جي وفات کانپوءِ نئين گورنر جي مقرري لاءِ وزير اعظم صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا

Governorڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي وفات کانپوءِ نئين گورنر جي مقرري بابت وزير اعظم صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، مشاورت لاءِ سنڌ مان اسماعيل راهو کي طلب ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي ڊگهي علالت کانپوءِ گذريل رات دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس وفات کانپوءِ وفاق سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب نئين گورنر جي مقرري لاءِ وزير اعظم سنڌ مان اسماعيل راهو کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. وزير اعظم جي طلب ڪرڻ تي اسماعيل راهو اسلام آباد پهتل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وقت ايندو جو ڪراچي ۾ تدفين لاءِ به جاءِ نه بچندي، قبرستان به وڪڻيا ويندا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  احمد علي شيخ چيو آهي ته هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے