20 اربع , سيپٽمبر 2017

سـُپريم ڪورٽ نيب ۾ فوجي آفيسرن جي مقرري وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪري ڇڏيو

Nabاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سـُپريم ڪورٽ نيب ۾ فوجي آفيسرن جي مقرري وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪندي هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب ڪم نه ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، عدالت جي نوٽيس وٺڻ بعد ئي نيب حرڪت ۾ ايندو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ نيب ۾ فوجي آفيسرن جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران نيب پاران پراسڪيوٽر خواجه حارث وڪيل طور پيش ٿيو، جنهن  تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس امير هاني مسلم وڪيل ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته خواجه صاحب اٽارني جنرل ۽ نيب جا ٻيا وڪيل آهن، توهان ڇو پيش ٿيا آهيو؟. نيب جي وڪيل حشمت حبيب دليل ڏيندي چيو ته نيب آفيسرن کي ڌمڪيون ملڻ سبب اصل ڪم ۾ رنڊڪون اينديون آهن، نيب آفيسرن جي زندگي کي خطرا آهن، ان جي ازالي لاءِ قدم کنيا وڃن. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته نيب ڪم نه ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، جڏهن عدالت نوٽيس وٺندي آهي ته پوءِ ئي نيب حرڪت ۾ ايندو آهي. عدالت سوال ڪيو ته ڇا فوج  مان نيب ۾ ايندڙ آفيسر قانوني طور تي اداري ۾ موجود آهن؟ ان حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي. عدالت، نيب ۾ فوجي آفيسرن جي مقرري وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻيندي هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 6 ٿي ويو

روهڙي(ويب ڊيسڪ) سيمنٽ فيڪٽري ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي وي جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي