20 اربع , سيپٽمبر 2017

اليڪشن ڪميشن ۾ پارليامينٽ ميمبرز جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ نوان آفيسر مقرر

Election Commetionاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرز جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ اداري ۾ نوان آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ميمبرن پاران جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن ۾ فرق آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊائريڪٽر الطاف احمد کان پوليٽيڪل فنانس ونگ جي وقتي چارج واپس ورتي وئي آهي. ڊپٽي دائريڪٽر ابصار عالم کي پوليٽيڪل فنانس ونگ ۾ شامل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا پر اڃا تائين جواب ناهي آيو. اليڪشن ڪميشن موجب اثاثن جي تفصيلن ۾ تضاد واري معاملي تي جواب اچڻ بعد ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 6 ٿي ويو

روهڙي(ويب ڊيسڪ) سيمنٽ فيڪٽري ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي وي جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي