23 جمعرات , نومبر 2017

اڄ اهم ڏينهن هو پر پي ٽي آءِ جو وڪيل پيش نه ٿيو: دانيال عزيز

Daniyal Azizاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته اڄ اهم ڏينهن هو پر پي ٽي آءِ جو وڪيل پيش نه ٿيو، اڄ عمران خان ڪرسي تان ناهي اٿيو. جڏهن به وقفو ايندو آهي ته عمران خان جو وڪيل ٻاهر نڪرندو آهي. اسان جي وڪيل کي پهريون ڀيرو دليل ڏيڻ جو موقعو مليو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻوله ڪندي دانيال عزيز چيو ته وزير اعظم جي اسيمبلي ۾ تقرير ۽ عدالت ۾ موقف ۾ ڪو به فرق ناهي، اسان وٽ سمورا ثبوت موجود آهن. عدالت تسليم ڪيو  ته وزير اعظم جي موقف ۾ ڪو به فرق ناهي. پي ٽي آءِ قيادت عدالتي ڪارروائي کان ڀڄڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي مائزه حميد چيو ته اسان ڳالهايو آهي ۽ ثبوت به پيش ڪيا آهن. هڪ ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته پاناما پيپرز ۾ وزير اعظم جو نالو ناهي. هن چيو ته عمران خان حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي کان پريشان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميجر اسحاق شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، قوم عظيم پٽ کي ياد رکندي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميجر اسحاق شهيدن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے