21 ڇنڇر , جنوري 2017

حديبيه ملز ۾ 34 ملين ڊالر ڪٿان آيا، سوالن جا جواب نه پيا ڏنا وڃن: نعيم الحق

Naeem Al Haqاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته حديبيه ملز ۾ 34 ملين ڊالر ڪٿان آيا، 15 سال ٿي ويا، ان سوال جو جواب ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته ميان شريف پنهنجي ڪاروبار ۾ سمورن ٻارن کي شامل ڪندو هو. سپريم ڪورٽ جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته ميان شريف جيترا به ڪاروبار ڪيا، انهن ۾ سمورن ٻارن کي حصو ڏنو ويو پر نواز شريف سياست اچي چڪو هو ان ڪري ڄاڻي واڻي سندس نالو ٻاهر ڪڍيو ويو. هن چيو ته شريف ڪٽنب ۾ روايت آهي ته جيڪو به واپار شروع ڪندا آهن، ان ۾ سڄي فيملي هوندي آهي، ميان شريف به ائين ئي ڪيو ۽ سمورن ٻارن کي شامل ڪيو. هن چيو ته نواز شريف قطري خط کان پهرين ڪوشش ڪئي ته دبئي يا جده مان ڪجهه دستاويز ملي وڃن پر ائين نه ٿي سگهيو جنهن کان پوءِ نواز شريف جي هڪ نمائندي قطري شهزادي کان خط لکرائي موڪليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asma Jahangir

 نصرت سحر سان بدتميزي جي مذمت: اسيمبلي ۾ لفنگا چونڊجي آيا آهن ڇا؟: عاصمه جهانگير

ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ اسمبلي ۾ پ پ ايم پي اي امداد پتافي ۽ ف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي