26 آچر , فيبروري 2017

نواز شريف جي دستاويزن مان ڪجهه به واضع نٿو ٿئي، عدالت کي مطمئن ڪيو: سپريم ڪورٽ

Supreme Court Of pakistanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزير اعظم جي وڪيل کي چيو آهي ته نواز شريف جي دستاويزن مان ڪجهه به واضع نٿو ٿئي. مني ٽريل توهان کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، عدالت کي مطمئن ڪيون، سپريم ڪورٽ پانام ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي جتي وزير اعظم جو وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل ڏئي رهيو آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته دبئي فيڪٽري  قرض وٺي بڻائي وئي. آرٽيڪل 62 تحت نااهلي تي عدالتي فيصلو ٿيڻ ضروري آهي. قطر ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ الزام آهي. 7 ملين ڊالر تي ويلٿ ٽيڪس نه ڏيڻ جو الزام به لڳايو ويو آهي. وزير اعظم نواز شريف جو لنڊن جائيداد سان ڪو به تعلق ناهي. سندس دليل دوران جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڇا نواز شريف جي دستاويزن مان ڪجهه به واضع نٿو ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Farooq sattar Nasreem Jaleel

فاروق ستار نسرين جليل جي گهر پهچي ويو، ايم اي جليل جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي