27 ڇنڇر , مئي 2017

وزير اعظم جي بيانن ۾ فرق جي حوالي سندس نئين وڪيل موقف مٽايو آهي: فواد چوڌري

Fawad Choudharyلاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزير اعظم جي بيانن ۾ فرق جي حوالي سان سندس نئين وڪيل موقف تبديل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اڄ عدالت ۾ ٽن موضوعن تي ڳالهيون جاري آهن جن ۾ حسين نواز طرفان نواز شريف کي ڏنل 74 ڪرور رپين تي ٽيڪس اد نه ڪرڻ، مريم نواز جي ڪفالت ۽ وزير اعظم نواز شريف جي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون خطابن ۾ فرق شامل آهي. هن ٻڌايو ته ٻڌڻي دوران وزير اعظم جي وڪيل بيانن ۾ فرق جي حوالي سان ٻڌايو ته وزير اعظم جي تقرير ۾ براڊ فيڪٽس بيان ڪيا ويا جنهن تي ججن چيو ته توهان کان پهرين وڪيل سلمان بٽ چيو هو ته اهو هڪ سياسي بيان آهي. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفقي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير اعظم جي وڪيل جو چوڻ هو ته نواز شريف پنهنجي والد ۽ ٻارن جي پيسي جو حساب ڏيڻ جو ذميوار ناهي. فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم پنهنجن ٻارن کي تحفي ۾ پيسا ڏئي سگهي ٿو، والد جا پيسا استعمال ڪري سگهجن ٿا پر نواز شريف ان جو جواب نٿو ڏئي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ahsan Iqbal

بجيٽ ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ 180 ارب رپيا مختص ڪيا ويا: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ ۾ سي پيڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي