26 آچر , فيبروري 2017

سنڌ حڪومت ورڇ جوڳي پول مان سي پيڪ ۽ فاٽا لاءِ رقم رکڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

sindh-government-logoڪراچي (رپورٽ: علي نقرچ) سنڌ حڪومت قومي مالياتي ايوارڊ ۾ ورڇ جوڳي پول مان 7 سيڪڙو رقم سي پيڪ رٿائن جي حفاظت ۽ فاٽا جي ترقي لاءِ رکڻ جي تجويز رد ڪندي ٻين ٽنهي صوبن کي به مخالفت ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ورڇ جوڳي پول مان 7 سيڪڙو فنڊ رکڻ  جي تجويز غيرآئيني آهي ۽ ايئن ڪرڻ سان غلط روايت قائم ٿيندي، انڪري سمورن صوبن کي گهرجي ته اهي گڏجي ان تجويز جي مخالفت ڪن. هن اها ڳالهه ڪالهه  پنجاب جي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات جي موقعي تي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ورڇ جوڳي پول مان ٽي سيڪڙو فنڊ سي-پيڪ سان لاڳاپيل رٿائن جي سيڪيورٽي فورس لاءِ ۽ چار سيڪڙو فاٽا، گلگت-بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي لاءِ مختص ڪرڻ جي تجويز غيرمناسب ۽ آئين جي خلاف آهي. هن چيو ته ورڇ جوڳي پول رڳو صوبن وچ ۾ گڏ ٿيل فنڊن کي ورهائڻ لاءِ آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت تجويز ڏني آهي ته سمورا صوبا ورڇ جوڳي پول ذريعي سي-پيڪ رٿائن جي سيڪيورٽي ۽ فاٽا، گلگت-بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ترقيءَ لاءِ مختص ڪيل فنڊز جو گڏيل طور ست سيڪڙو ڏيڻ. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت اڳئي ورڇ جوڳي پول مان خيبرپختون خواهه ۾ امن امان جي صوتحال جي بحاليءَ لاءِ هڪ سيڪڙو وٺي رهي آهي ۽ وفاق هاڻي وڌيڪ علائقن لاءِ مختص فنڊز مان ٽي سيڪڙو سي-پيڪ رٿائن ۽ چار سيڪڙو فاٽا، گلگت-بلتستان ۽ ڪشمير جي ترقيءَ لاءِ وٺڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چئني صوبن جو ورڇ جوڳي پول ۾ حصو 57.5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته باقي رهيل 42.5 وفاقي حڪومت ڏانهن ويندو آهي. سنڌ حڪومت پهريان ئي ٻه هزار اڳوڻن فوجي تي ٻڌل هڪ فورس سي-پيڪ رٿائن ۽ انهن جي ملازمن جي سيڪيورٽي لاءِ فراهم ڪري رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت11-2010ع کان 16-2015ع تائين 300 ارب رپيا صوبي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ تي خرچ  ڪري چڪي آهي وفاقي حڪومت ان حوالي سان هڪ پئسو به ناهي ڏنو ۽ هاڻي هو صوبي کي چيو پيو وڃي ته اهي پنهنجي حصي مان پنهنجا فنڊ ڏين. اهو بلڪل قبول نه آهي. هن چيو ته مان پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان جي حڪومتن کي به درخواست ڪندس ته اهي ان تجويز جي مخالفت ڪن. پنجاب جي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشا غوث پاشا سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اها سندس تعاون ڪندي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومتن کي اهو حق هئڻ گهرجي ته اهي شين تي سيلز ٽيڪس گڏ ڪري سگهن ۽ پوءِ ان کي وفاقي حڪومت وٽ جمع ڪرائن ته جيئن ان کي صوبن جي وچ ۾ انهن جي متفقه حصي مطابق ورهائي سگهجي. هن چيو ته اسان ان حوالي سان پنهنجو ڪيس تيار ڪيو آهي ۽ پنجاب حڪومت کي به گهرجي ته اها به اهڙي طرح جو ڪيس تيار ڪري ته جيئن ان تي ايندڙ اين ايف سي واري اجلاس ۾ ڳالهائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پنجاب جي صوبائي ناڻي واري وزير انهيءَ معاملي تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ويلٿ ٽيڪس واري حصي جي هڪ پاسي واري ڪٽوتي غيرقانوني عمل آهي اها ڪٽوتي خاص طور مفروضي جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت به  اها ڪٽوتي ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت سان انگن اکرن بابت ڳالهائڻ گهرجي ها. پنجاب جي ناڻي واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت جا خدشا ۽ شڪايتون حقيقت تي ٻڌل آهن ۽ اسان سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪنداسين، هن اهو پڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي پنجاب حڪومت به انهن مسئلن لاءِ اهڙي ريت آواز اٿاريندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هُو انهن مامرن تي ٻين صوبن کي به اعتماد ۾ وٺندو.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

534518-chaudhrynisarINP-1365743688-123-640x480

ڇا سيوهڻ ۾ واڪ ٿرو گيٽ فعال نه هئڻ ۽ بجلي نه هئڻ جو ذميوار وفاق آهي؟ چوڌري نثار

سيوهڻ ۾ سيڪيورٽي وفاقي نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي ليپس بابت چيف سيڪريٽري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي