27 ڇنڇر , مئي 2017

وزير اعظم جي ڪرغزستان جي وفد سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

Nawaz Sharifاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف سان ڪرغزستان جي وفد ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ اقتصادي، معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ جاري سهڪار جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان حڪومت جي ترقي پسند پاليسين کي ساراهيندو آهي. توانائي سميت معاشي ۽ اقتصادي شعبن ۾ ريفارمز ڪري رهيو آهي. وزير اعظم نواز شريف سان ڪرغزستان جي معيشت واري وزير جي قيادت هيٺ وفد ملاقات ڪئي. وزير اعظم چيو ته 3 سالن ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي 84-4 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ موثر اصلاحاتي پروگرام عمل پيرا آهي. هن وڌيڪ چيو ته علائقائي رابطن کي هٿي حڪومت جي 7 نقاطي ايجنڊي جو حصو آهي. ڪاسا 1000 منصوبي سان ملڪ ۾ بجلي جي گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ  مدد ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ahsan Iqbal

بجيٽ ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ 180 ارب رپيا مختص ڪيا ويا: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ ۾ سي پيڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي