21 منگل , نومبر 2017

2006ع کان اڳ ڇا ٿيندو هو، وزيراعظم جي وڪيل کي ٻڌائڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

Supreme Courtاسلام آباد (بيورو+آن لائن+م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسي پاناما ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته ٻڌل ڳالهيون ڪو ثبوت نه هوندا آهن. ضرورت پئي ته ڪنهن کي به گهرائي سگهون ٿا. ڪنهن جي سڄي زندگي اسڪروٽني نٿا ڪري سگهون، 2006ع کان اڳ ڇا ٿيندو رهيو، وزيراعظم جي وڪيل کي ٻڌائڻو پوندو. جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران نعيم بخاري پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته نواز شريف ۽ سندس ٻارن جي بيانن ۾ تضاد آهي. شريف خاندان جي بقول 2006ع کان اڳ بيريئر سرٽيفڪيٽ قطري خاندان وٽ هئا، ان ڪري شريف خاندان کي به سرٽيفڪيٽ جو قطري خاندان وٽ هئڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو. نعيم خباري چيو ته بليڪ  لا ڊڪشنري مطابق ڪفالت هيٺ اهو هوندو آهي، جنهن جا خرچ ڪو ٻيو شخص برداشت ڪري. نواز شريف مريم کي ڪروڙن جا تحفا ڏنا، مريم نواز وٽ آف شور ڪمپنين لاءِ پئسو نه هو آف شور ڪمپنين لاءِ مريم کي رقم نواز شريف ڏني. جسٽس شيخ عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن توهان جي تعريف مڃي وٺون ته ڇا مريم حسين نواز جي ڪفالت هيٺ آهي. اڃا اهو تعين ٿيڻو آهي ته فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا ويا. توهان جي بقول شريف خاندان اهي فليٽ 1993ع ۽ 1996ع وچ ۾ خريد ڪيا، جڏهن ته شريف خاندان جي بقول کين اهي فليٽ 2006ع ۾ منتقل ٿيا، جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته ڇا والد سان گڏ رهندڙ ڪفالت هيٺ هوندو آهي. جسٽس آصف سعيد چيو ته اهي ڳالهيون پهرين به ٿي چڪيون آهن، ڪو نئون نڪتو بيان ڪريو، نعيم بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي ته اسان عدالت مان وزيراعظم جي نااهلي جو فيصلو چاهيون ٿا. جنهن تي جسٽس آصف سعيد چيو ته توهان عدالت جي بهترين مدد ڪئي آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پنهنجي دليلن ۾ چيو ته هو نعيم بخاري طرفان ڏنل دليلن سان متفق آهي. هي هڪ خاندان بمقابله 20 ڪروڙ عوام جو ڪيس آهي. عدالت سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي، اسان رڳو سهڪار لاءِ ايندا آهيون. هڪ طرف مريم نواز جو  ڪوڙ ته سندس ڪا به آمدني ناهي ٻي طرف هوءَ امير ترين عورت آهي.هن چيو ته روزانو هڪ ارب 40 ڪروڙ لڪايا پيا وڃن. مون کي ساڍا 7 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌي افسوس ٿيو. اهو پئسو ملڪ جو آهي. نواز شريف پاناما ڪيس ۾ سڌو سنئون ملوث آهي. قطري خط رضيه بٽ جو ناول آهي. قطري شهزادو نواز شريف لاءِ ريسڪيو 1122 آهي. هن چيو ته ان خط پٺيان اصل چهرو سيف الرحمان جو آهي. پورٽ قاسم پاور پلانٽ سيف الرحمان کي ڏنو ويو. ايل اين جي جو ٺيڪو سيف الرحمان جي ڪمپني کي ڏنو ويو، جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته جنهن ٽرسٽ ڊيڊ جو توهان ذڪر ڪري رهيا آهيو اها نيلسن ۽ نيسڪول جي ناهي لڳي ٿو ته ڪومبر گروپ جي ٽرسٽ ڊيڊ غلطي سان جمع ڪرائي وئي. نيلسن ۽ نيسڪول واري ٽرسٽ ڊيڊ بعد ۾ جمع ڪرائي وئي ڇا پنڊي ۾ ڪا جائيداد بغير رجسٽري وڪرو ڪري سگهجي ٿي. جنهن تي شيخ رشيد چيو ته پنڊي ۾ گواهه نه هجي ته هڪ سائيڪل به نٿي وڪامجي، جسٽس آضف سعيد چيو ته جيڪڏهن ٻئي صحيح ڪندڙ ٽرسٽ ڊيڊ کي تسليم ڪريون ته پوءِ ڪهڙي صورتحال هوندي، جنهن تي شيخ رشيد چيو ته جج صاحب توهان ڪيس پڙهيو آهي، مريم نواز جي بينيفٽس مالڪ هئڻ جا دستاويز ڪنهن چئلينج نه ڪيا، 19 سال جي عمر ۾ اسان جي ٻارن جا شناختي ڪارڊ نٿا ٺهن. شريف خاندان جا ٻار ارب پتي بڻجي وڃن ٿا. طارق شفيع قسم نامي ۾ چيو ته 12 ملين درهم وٺي ڏنا. شريف خاندان ٻڌائي. 1980ع کان 2006ع تائين اهي پئسا ڪٿي رهيا، اهو چوڻ دست ناهي ته دبئي ۾ ڪاروبار گڏهن تي ٿيندو هو. 1980ع ۾ دبئي ۾ 31 بئنڪون هيون ٻڌايو ڃي ته ڪنهن جي ذريعي اها رقم منتقل ٿي، وزيراعظم جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته سمورن اشوز تي عدالت جي مدد ڪندس. وزيراعظم جو نالو پاناما ليڪس ۾ ناهي ته آئون ڇا ڪريان. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے