21 منگل , نومبر 2017

پاناما ڪيس ۾ سرڪار جون سڀ ڳالهيون فراڊ نڪتيون: عمران خان

imran-khanاسلام آباد (آن لائن) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ حڪومت جون پراڻيون سڀ ڳالهيون فراڊ نڪتيون، وزيراعظم جو ڪوڙ ڳالهائڻ ننڍي ڳالهه ناهي، وزيراعظم ۽ صدر ڪوڙ ڳالهائيندي پڪڙيو وڃي ته ان کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حڪومت کي ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ نيون ڳالهيون ٻڌائڻيون آهن. قرض کڻي ملڪ نٿو هلائي سگهجي. هن چيو ته طيبه تشدد ڪيس ۾ معصوم ٻارڙي کي انصاف ملڻ گهرجي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق ۽ فواد چوڌري چيو ته پاناما ڪيس ڪرپشن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آهي. مريم اورنگزيب عمران خان تي ڪيس ڪري آجيان ڪنداسين. نعيم بخاري سمورا ثبوت ۽ دستاويز عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے