24 آچر , سيپٽمبر 2017

راحيل شريف اسلامي اتحاد جي سربراهي لاءِ اين او سي ناهي ورتي: خواجا آصف

Untitled-10 copyاسلام آباد (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) راحيل شريف پاران ٻاهرئين ملڪ نوڪري جي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ يا ڪليئرنس بابت دفاع واري وزارت کي اڃا تائين ڪا باضابطا درخواست ناهي ملي، جيڪڏهن ڪا درخواست آئي ته قانون ۽ رولز موجب فيصلو ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ان معاملي تي بيان ڏيندي هن چيو ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي ٻيهر نوڪري بابت دفاع واري وزارت جا رولز موجود آهن ۽ اندرئين ملڪ نوڪري جي لاءِ ان سلسلي ۾ دفاع واري وزارت کان اين او سي جي ضرورت هوندي آهي پر ٻاهرئين ملڪ نوڪري جو انهن رولز ۾ ذڪر نه آهي. هن چيو ته جنرل (ر) راحيل شريف سعودي حڪومت جي دعوت تي عمري جي ادائيگي جي لاءِ سعودي ويو هو جتان هو واپس اچي ويو آهي. عمري جي ادائيگي جي حوالي سان هن اطلاع ڏني .

هئي، جنرل (ر) راحيل شريف واپس اچي به جي ايڇ ڪيو يا دفاع واري وزارت کي ڪنهن به قسم جي آڇ جي حوالي سان ناهي ٻڌايو. هن چيو ته اين او سي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن قسم جي درخواست ملي ته ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين جي پڇڻ تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته جيئن ته جنرل (ر) راحيل شريف پاران ٻاهرئين ملڪ نوڪري جي لاءِ اين او سي بابت ڪا درخواست ناهي ملي ان لاءِ ان معاملي تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي نه اهڙي ڪا آڇ ٿي آهي نه ئي ان جا امڪان آهن. سينيٽ چيئرمين سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻي آرمي آفيسر جي ٻاهر ملڪ ڪم ڪرڻ بابت ڪي قانون موجود آهن. خواجا آصف چيو ته اڳوڻن سمورن آفيسرن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ سول کاتن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وزارت کان اين او سي وٺڻي پوندي آهي. جنهن تي رضا رباني چيو ته ان حوالي سان قانون واضح ڪرڻ گهرجن. سينيٽ چيئرمين خواجا آصف کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا راحيل شريف اتحادي فوج جي سربراهي متعلق پاڪ فوج کي آگاهه ڪري چڪو آهي. جنهن تي دفاع واري وزير ٻڌايو ته اڃا تائين هن طرفان پاڪ فوج کي به آگاهه نه ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين چيوته راحيل شريف ان حوالي سان ڪا درخواست ڏني ته ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي. جڏهن ته دفاع وزير جي پاليسي بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ان اتحاد ۾ ڪنهن به طرح سان شموليت کان انڪار ڪيو ويو هو. حڪومت کي هن اجلاس کي خاطري ڪرائڻ گهرجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جيڪو فيصلو ٿيو ان تحت حڪومت جو اهو فيصلو آهي ته ان جي اجازت نه ڏيندي. راحيل شريف طرفان اتحادي فوج جي سربراهي پارليامينٽ جي ان ٺهراءَ جي ڀڃڪڙي هوندي جنهن ۾ ان ڳالهه جي تجويز ڏني وئي هئي ته پاڪستان ڪنهن ٻاهرين تڪرار جو حصو نه بڻجندو. فرحت الله بابر 39 ملڪن جي اسلامي اتحاد تي ڳالهائيندي چيو ته ظاهري طور تي ته اهو اتحاد دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ ٺهيو آهي. پر ان ۾ اهل تشيح جي تناظر ۾ چار ملڪن کي الڳ رکڻ سبب ڪري ان کي فرقي تي ٻڌل اتحاد قرار ڏنو پيو وڃي. هن ايوان کي خبردار ڪندي چيوته اهڙي ڪنهن مقرري جا غلط نتيجا سامهون ايندا. سڀاڻي خوانخواسته جيڪڏهن ايران ٽن چئن ملڪن کي ملائي ڪو اهڙو اتحاد ٺاهي ۽ پاڪستان مان ڪو ٿري اسٽار جنرل رٽائر ٿئي جيڪو ان کي منظور هجي ته ان جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته هن ميڊيا ۾ جنرل راحيل شريف جي مدي جي حوالي سان ڳالهيون هليون هيون ته هن هڪ بيان ذريعي واضح ڪري ڇڏيو هو. هاڻي به کيس هڪ بيان ڏئي مسئلو ڪليئر ڪرڻ گهرجي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ته نوٽيس ملي ويا؟ نئب نواز شريف ۽ ڊار جي گهرن تي نوٽيس لڳائي ڇڏيا

لاهور (م ڊ) نئب لاهور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ناڻِي واري وزير اسحاق ڊار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي