22 خميس , جون 2017

ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم، فزيبلٽي لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ منظور

karachi-mapڪراچي (رپورٽ: علي نقرچ ) ڪراچي ۾ سي پيڪ رٿا لاءِ ٺهندڙ ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي حدن ۾ ايندڙ ريلوي جي زمين سميت ريلوي جي هزارين ايڪڙ زمين تي  قبضن جو انڪشاف  ٿيو آهي، جڏهن ته  ريلوي اختيارين  سنڌسرڪار کي مشورو ڏنو آهي ته  ڪي سي آر تي عمل لاءِ  ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن، سنڌ سرڪار  ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي فزيبلٽي رپورٽ جي تياريءَ لاءِ 45 ملين رپين جي منظوري ڏيندي ساورن گارنٽيءَ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي، ڪي سي آر جي  روٽ تي قبضي ڪيل  زمين تان  حددخلين هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪي سي آر بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪالهه اجلاس ٿيو، سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪي سي آر جي مجموعي ڊيگهه 43 ڪلوميٽر آهي جنهن ۾ 13.43 ڪلوميٽر مک ريلوي لائين آهي ۽ 29.69 ڪلوميٽر ڪي سي آر جي لوپ لائين تي آهي. ڊي ايس ريلوي ڪراچي نثار ميمڻ حدددخلين بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي سي آر رٿا لاءِ مجموعي طور 360 ايڪڙ ايراضي گهربل آهي، جنهن مان 260 ايڪڙ پاڪستان ريلوي جي زمين آهي ۽ 100 ايڪڙ مک لائين تي آهي. هن چيو ته 67 ايڪڙ تي قبضا آهن، جنهن ۾ 47 ايڪڙ ڪي سي آر لوپ تي آهي ۽ 20 ايڪڙ مک لائين سان گڏ آهي. هن چيو ته قبضو ڪيل زمين تي 4653 گهر تعمير ڪيا ويا آهن ۽ 2997 ٻيون غيرقانوني اڏاوتون آهن. رٿا تي عمل لاءِ اڏاوتن کي ختم ڪيو وڃي. ڪي سي آر لوپ سيڪشن تي قائم اڏاوتن جا تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته وزير مينشن تي 29.28 ايڪڙ وزيرمينشن کان بلديا 0.82 ايڪڙ، اورنگي نالي وٽ 1.91 ايڪڙ، اورنگي کان ناظم آباد 1.44 ايڪڙ، ناظم آبادکان لياقت آباد 2.36 ايڪڙ، لياقت آباد کان گيلاني 3.16 ايڪڙ، گيلاني کان اردو ڪاليج 2.05 ايڪڙ، اردو ڪاليج کان يونيورسٽي 4.16 ايڪڙ، يونيورسٽي کان ڊيپو هل 0.91 ايڪڙ تي حددخليون قائم آهن. وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ويو ته ٽاور کان ڪراچي سٽي 0.46 ايڪڙ، ڪراچي سٽي کان ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن 1.67 ايڪڙ، ڪراچي ڪينٽ کان چنيسر هالٽ 5.837 ايڪڙ، چنيسر هالٽ کان ڊيپارچر يارڊ 11.77 ايڪڙ ۽ ڊيپارچر يارڊ کان ڊرگ روڊ 2.63 ايڪڙ والاريل آهن. ذريعن موجب وڏي وزير کي ڪراچي  سميت پوري سنڌ ۾  ريلوي جي سمورين زمين تي ٿيل قبضن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي آهي مشورو ڏنو ويو ته ڪي سي آر  جي روٽ سميت ڪراچي ۾ اوليت جي بنياد تي قبضا ختم ڪرايا وڃن،  قبضا ختم ڪرائڻ بنا ڪي سي آر ممڪن نه آهي، ذريعن موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان  کي ڪراچي ۾ ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏيندي هدايت ڪئي ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن سان گڏجي تڪڙن بنيادن تي ڪي سي آر جي روٽ تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙيو وڃي، وڏي وزير ڪي سي آر روٽ تان قبضا ختم ڪرڻ بابت رٿا بندي هفتي ۾ مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان حوالي سان ڪي سي آر فزيبلٽي لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري کي  رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪي سي آر جي فزيبلٽي رپورٽ جي سي سي ۾ پيش ڪرڻي آهي ته جيئن ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ کنيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه  ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هُو ساورين گارنٽيءَ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري. ٻئي طرف پاڪستان ريلوي جي اختيارين ڪراچي ۽ سکر جي ريلوي عملدارن  کي هدايتون ڏنيون آهن ته ريلوي جي پراڻي رڪارڊ کي ڇڏي نوان نقشا ڏنا وڃن، ذريعن موجب ريلوي ڪالونين، ريلوي ٽريڪن ۽ گدامن جي زمينن تي قبضن کان پوءِ نقشا ئي تبديل ٿي ويا آهن، پاڪستان ريلوي محنت ڪش يونين جي مرڪزي چيئرمين منظور ملاح چيو آهي ته ريلوي واري وفاقي وزير ۽ اختيارين کي ريلوي ڪالونين ، ٽريڪ ۽ ٻين زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ بار بار لکيو آهي، پر سرڪار قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

رويتا ميگهواڙ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، متاثر خاندان تي دٻاءُ وڌي ويو

حيدرآباد/مٺي (رپورٽر+بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ننگر پارڪر جي ڳوٺ ورڻاريو واسڻ رويتا ميگهواڙ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي