22 خميس , جون 2017

پاڪستان کي اقليت دوست ملڪ بڻائينداسين: وزيراعظم

Untitled-9 copyڪٽاس راج (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو ويندو، قوم کي اونداهي ۾ وٺي ويندڙن ۽ ترقي جو رستو روڪيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، اسان رڪجڻ وارا نه آهيون، اسان مخلوق جي بهتري، خوشحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، پوري ملڪ جي موٽرويز اسان جي هٿن سان ٺهڻي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فرض آهي ته هو ملڪ جي هر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيال رکي. نئون پاڪستان ٺاهيندڙ ڪجهه نه ٺاهي رهيا آهن، اهو سڀ اسان ٺاهي رهيا آهيون، جيڪڏهن هو چوندا ته اسان سندن نالي جون تختيون به لڳرائي ڇڏينداسين.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

رويتا ميگهواڙ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، متاثر خاندان تي دٻاءُ وڌي ويو

حيدرآباد/مٺي (رپورٽر+بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ننگر پارڪر جي ڳوٺ ورڻاريو واسڻ رويتا ميگهواڙ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي