26 آچر , فيبروري 2017

سنڌ جو گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

Untitled-8 copyڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جو گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي 80ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.گورنر  کي ساهه ۽ ڦڦڙن جي تڪليف جي ڪري نجي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي هُن ڪالهه  دم ڏنو. گورنر هائوس جي ترجمان جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته گورنر کي  سيني جي تڪليف جي ڪري نجي اسپتال آندو ويو هو، جتي هو فوت ٿي ويو. سعيد الزام صديقي گذريل سال 11 نومبر تي سنڌ جي گورنر جي حيثيت سان حلف کنيو هو. پرويز مشرف جي دور ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪندڙ ججن ۾ شامل هو. هُو هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ رهي چڪو هو. طبعيت جي خرابي جي ڪري گورنر سعيد الزمان صديقي گھڻين ئي اهم تقريبن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو. واضح رهي ته وزير اعظم نواز شريف پاران وڏي عمر ۽ طبعيت خراب هجڻ باوجود جسٽس سعيد الزمان صديقي کي گورنر مقرر ڪرڻ تي سندس فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. سعيد الزمان صديقي جو مڙهه ڊفينس ۾ واقع سرد خاني منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس جنازي نماز سڀاڻي ادا ڪئي ويندي، اڳوڻي گورنر سعيد الزمان جي مڙهه سان گڏ ان جي گهر واري، ڌيءَ ۽ ڀاءُ گڏ هئا،گورنرهائوس جي ترجمان مطابق اڳوڻي گورنر سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز گورنر هائوس يا پولو گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊفينس ۾ واقع سعيدالزمان صديقي جي گهر تڏو وڇايو ويو آهي جتي مختلف شخصيتن پاران آمد جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن ته سنڌ سرڪار اڄ هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻو گورنر مرحوم 2016ع ۾ سنڌ جو گورنر رهيو، جڏهن ته سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني صوبي جو وقتي گورنر بڻجي ويو آهي.0230

سعيد الزمان غير جمهوري قوتن خلاف مزاحمت ڪئي: نواز شريف

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جيڪو ڪالهه اربع ڏينهن ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي عدليه ۽ قانون جي عملداري جي ميدان ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي هڪ سچو ۽ ديانتدار جج هو جنهن اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ۽ انصاف جي فراهمي ۾ غيرجانبدار رهيو. وزيراعظم چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جو غيرجمهوري عنصرن خلاف مزاحمت جي حوالي سان ڪردار ۽ ان ڏس ۾ قربانيون بي مثال آهن. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن به سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هوڏانهن

 پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي پُٽ عفنان صديقي کي فون ڪري سندس والد جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، آصف علي زرداري مرحوم جسٽس رٽائرڊ سعيدالزامن صديقي جي سوڳوار پونيئرن سان همدردي جو اظهار به ڪيو. صدر ممنون حسين سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مرحوم جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي آئين جي بالادستي کي سدائين مٿانهون رکيو ۽ سندس خدمتن کي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان ياد رکيو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي، اڳوڻي گورنر عشرت العباد، ڊاڪٽر عاصم، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين سميت سموري سياسي قيادت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

534518-chaudhrynisarINP-1365743688-123-640x480

ڇا سيوهڻ ۾ واڪ ٿرو گيٽ فعال نه هئڻ ۽ بجلي نه هئڻ جو ذميوار وفاق آهي؟ چوڌري نثار

سيوهڻ ۾ سيڪيورٽي وفاقي نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي ليپس بابت چيف سيڪريٽري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي