19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

پاڪستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جو مسئلو موجود آهي: اميريڪا

USA, Washington DC, Pennsylvania Avenue and Capitol building
USA, Washington DC, Pennsylvania Avenue and Capitol building

واشنگٽن (اي پي پي) اميريڪا چيو آهي ته پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان جي سلامتي هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهي ۽ دهشتگردي خلاف هڪ ٻئي سان سهڪار انهن ملڪن جي لاءِ بهتر آهي. اها ڳالهه اميريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر گذريل ڏينهن معمول واري پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته خطي جي ٽنهي ملڪن جي سلامتي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار ۽ شراڪتداري سان سڄي خطي کي فائدو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن پر اهو مسئلو موجود آهي ۽ اهو معاملو پاڪستان ۽ اميريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين جو حصو آهي. هن ان حقيقت جو اعتراف ڪيو ته دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ هوندا آهن تنهن ڪري انهن جي خاتمي لاءِ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون پر هن چيو ته پاڪستان طرفان دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ترجمان افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي سخت مذمت ڪئي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان فضل الرحمان جي ملاقات، آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جي مخالفت

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ملڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي