19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

ماڻهن جي اڻ پڙهيل رهجي وڃڻ جو ذميوار معاشرو آهي: چيف جسٽس

640x384xsaqib-nasir-jpg-pagespeed-ic-ij92rspdsxاسلام آباد (م ڊ/پ ر) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، تعليم هڪ اهم ذميواري ۽ هڪ اهم خاصيت آهي، جيڪا ترقي ڪيل ۽ ترقي ڪندڙ دنيا کي هڪٻئي کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. هِن اهڙو اظهار اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي وفد، جيڪو شاگردن، فيڪلٽي ۽ اسٽاف ميمبرن تي مشتمل آهي، ۽ جنهن جي اڳواڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ ڪري رهيو آهي، کي خطاب ڪندي ڪيو. هِن چيو ته ترقي ڪيل دنيا ۾ تعليم، سکيا ۽ ڄاڻ عام آهن، جنهن جي اِنهن ملڪن ۾ ڪابه پڄاڻي ناهي. تنهن ڪري اِنهن جي ترقيءَ جو بنيادي سبب تعليم آهي. قومن جي ترقيءَ جو ٻيو اهم نقطو قانون جي حڪمراني آهي، تنهن ڪري جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني آهي، اُهي ترقي ڪري رهيا آهن. قانون جي اڳيان سڀني جي برابر حيثيت وڌيڪ اهم آهي، جنهن سان انساني تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هِن چيو ته منهنجي لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ جي اڻپڙهيل هئڻ جو ذميوار اڻپڙهيل ماڻهو نه، پر معاشرو ان جو ذميوار آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته، شاگردن جي لاءِ ٽين خاصيت ليڊرشپ واري آهي، جنهن وسيلي هو ڪنهن به شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏ ايمانداري پڻ ڪاميابيءَ جو بنيادي جز آهي. ان کان اڳ وفد قومي احستاب بيورو جي چيئرمين قمرالزمان چوڌريءَ سان نئب جي هيڊڪوارٽرس ۾ ملاقات ڪئي، چيئرمين نئب خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي شاگردن سان ملي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي ئي مستقبل ۾ ملڪ جي اڳواڻي سنڀالڻي آهي. شاگردن سفير بڻجي اِهو پيغام ڦلهائين ته،”سَي نو ٽو ڪرپشن.“ هِن شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي هِن مرحلي تي انفرادي طور، هڪ ايماندار شهريءَ  جي حيثيت ۾ پنهنجوڪردار ادا ڪن، جنهن کانسواءِ هو ملڪ ۾ تبديلي نه آڻي سگهندا. نئب جي ڊپٽي چيئرمين امتياز تاجور ۽ ڊائريڪٽر جنرل مس عاليه رشيد نئب جي ڪم جي طريقه ڪار بابت پريزنٽيشنس ڏنيون، جنهن بعد سوالن جوابن جو سيشن منعقد ٿيو. بعد ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي وفد انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو دورو ڪيو، وفد سينيٽر مشاهد حسين سيد سان پڻ ملاقات ڪئي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان فضل الرحمان جي ملاقات، آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جي مخالفت

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ملڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي