27 سومر , مارچ 2017

غير انساني نظام کي بدلڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين: شهباز شريف

Shahbaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اسان سڀ گڏجي هيلٿ ڪيئر سسٽم کي بهتر کان بهتر  بڻائينداسين ۽ غير انساني نظام جي تبديلي جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهيان ۽ ان نظام کي بهتر بڻائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻندس. لاهور ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ هيلٿ ڪيئر سسٽم جي بهتري جي حوالي سان بندوبستن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.  اجلاس دوران شهباز شريف چيو ته صحت جي معياري سهولتون عوام جو بنياد حق آهي، پنجاب حڪومت عوام کي بهترين طبي سهولتون جي فراهمي جي لاءِ ڪو به دڳ نه ڇڏيندي. صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ جيترا وسيلا ڏنا ويا آهن انهن جا نتيجا به سامهون اچڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

sHIKAR PUR MAP

شڪاپور جي عدالت عيد نماز دوران آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

شڪارپور(ويب ڊيسڪ)  شڪارپور جي عدالت دهشتگردي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن دهشتگردن کي  موت  …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي