17 اڱارو , جنوري 2017

ماڻهو کنڀڻ جي سرڪاري پاليسي جو خاتمو

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي شاباس هجي جنهن چيو آهي ته هن سرڪار جي ماڻهو اغوا ڪرڻ واري سرڪاري پاليسي ناهي، 2008ع کان اڳ تائين اها پاليسي جاري رکي ويئي هئي. سلمان حيدر جي گم ٿيڻ بابت جاچ ڪندڙ انٽيليجنس عملدارن سان ڳالهايو آهي. ڪجهه ثبوت سامهون آيا آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، پنجاب سرڪار پاران به انهن واقعن جي جاچ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، پهرين اوليت انهن ماڻهن جي حفاظت سان واپسي آهي، ڪنهن کي گم ڪرڻ جي پاليسي نه سرڪار جي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه برداشت ڪئي ويندي، تمام گهڻيون خرابيون ان دور جون آهن جڏهن پاليسيون ڪٿي ٻئي هنڌ ٺهنديون هيون.

اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته سرڪارون ٺهنديون رهنديون آهن، ڪنهن کي سدائين سرڪار ۾ ناهي رهڻو، اسان کي اشوز تي سياست ۽ پارٽي وابستگي کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ اها ئي روايت رهي آهي، قومي اسيمبلي ميمبر سينيٽ ۾ اچي پڇاڻو ڪندا هئا، هتان جي ڳالهه ٻولهه مان سکندا هئا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻئي جمهوري ايوان آهن پر هن ايوان جي پنهنجي روايت آهي، موجوده چيئرمين سينيٽ جي مقصد کي صحيح  ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن چيو ته جنهن ڏينهن کان مون ذميواري سنڀالي آهي مون سرڪار جي پاليسي واضح ڪئي آهي ته  گم ڪرڻ جي پاليسي سرڪار جي نه آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه برداشت ڪنداسين. ڪيترن ئي  گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي. ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه سرحد پار هئا، ڪجهه واپس موڪليا ويا جتي  اهي هئا، 2002ع کان 2008ع تائين اهڙا واقعا ٿيندا رهيا، ڪيتريون ئي خرابيون ان دور جي پيداوار آهن ان وقت پاليسي ڪٿي ٻئي هنڌ ٺهندي هئي هاڻي پاليسيون هنن ايوان ۾ ٺهن ٿيون، ڪاش اسان ۾ ايتري اخلاقي جرئت هجي جو موجودگي ۾ ڳالهه ڪريون جيڪا پارلياماني روايت به آهي. اسان قانونساز ادارن جا ميمبر ۽ باخبر ماڻهو آهيون، اسان کي وفاق ۽ صوبن جي دائري جو پتو هجڻ گهرجي، سياسي تقريرون ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ وقت ان دائري جو تعين ڪيو وڃي ته پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ ڪنهن ميمبر جي شان وٽان نه آهي. آئين ۾ صوبائي خودمختياري جون حدون آهن.

هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ۾ اغوا جا واقعا ٿيا انهن ۾ هڪ واقعو اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ شخص کي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته ٻه واقعا پنجاب ۾ ٿيا جن ۾ ٽن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، پنجاب سرڪار به رابطو ڪري معلومات حاصل ڪئي آهي، پنجاب ۾ ٽي ماڻهو اغوا ٿيا آهن، واقعا ٻه آهن ڇو ته ٻه ماڻهو گڏ هئا، ان لاءِ هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي، اهو 6 جنوري جو واقعو آهي، ڪرال چوڪ کان اڳيان ان جي گاڏي کي روڪيو ويو، جن ماڻهن گاڏي کي روڪيو اهي سڃاتل هئا يا اجنبي ان جي خبر ناهي پئجي سگهي، مون پاڻ انٽيليجنس ايجنسين جي سوين ماڻهن سان ڳالهايو آهي جيڪي ان واقعي جاچڻ ۾ سرگرم آهن.

هن چيو ته هو ايوان کي يقين ڏياري ٿو ته سرڪار ان ڪڌي ڏوهه جي پٺيان لڪل جيڪي به ماڻهو آهن انهن جو پيڇو ڪندي. پهريون مقصد پروفيسر کي گهر واپس آڻڻ آهي، ڪجهه شاهديون آهن، ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن کي وقت کان اڳ ظاهر ڪرڻ سان جاچ تي اثر پوندو، جاچ صحيح رخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، ٻنهي واقعن جو ظاهري طور تي ڪو پاڻ ۾ تعلق نه آهي.

هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ان جج شاهد آهي ته مون ساڍا ٽي سال ڪنڌ هيٺ ڪري ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي پاليسي جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي، ڪڏهن سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي، هڪ سياسي پارٽي جيڪا سنڌ ۾ آهي ان جي حوالي سان بيان هلندا رهندا آهن پر سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سرڪار سان منهنجو ورڪنگ رليشن شپ موجود آهي. هن چيو ته 23 جولاءِ 2013ع تي مون ڪراچي جو پهريون دورو ڪيو، رينجرز هيڊڪوارٽر ويس ان کانپوءِ سنڌ هائوس وڃي وڏي وزير ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان مليس، مون وڏي وزير کي چيو ته اسان گڏجي هلنداسين ۽ چيو ته جيڪي مثبت پوائنٽ هوندا اهي توهان جا هوندا. شايد اها منهنجي غلطي هئي، فاروق ستار ڪراچي کي فوج جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، مون چيو ته سول آرمڊ فورسز کي ذميواري ڏني ويندي، وڏو وزير ڪپتان هوندو، پنجاب جو وڏو وزير گلا ڪندو آهي ته شڪارپور واقعي کانپوءِ 15، 20 ڏينهن ۾ اسان منطقي انجام تائين پهچي وياسين، آءِ بي جي آفيسر کي مبارڪباد جي لاءِ فون ڪيو ته هن چيو ته اها توهان جي ڪاميابي آهي جنهن اسان کي سياسي ڪم بدران اصل ڪم تي لڳايو.

ملڪ جا عوام اهي ساڳيون ڳالهيون پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪندا آيا آهن، جيڪي آهستي آهستي هاڻي ملڪ جي حڪمران يا حڪمران طبقا ڪري رهيا آهن. ملڪ جو وفاقي گهرو وزير جڏهن اها ڳالهه ڪري ته ماڻهو کڻڻ، کنڀڻ، اغوا ڪرڻ يا گم ڪرڻ واري پاليسي 2008ع تائين هلندڙ سرڪار جي هوندي هئي ته باقي چوڻ لاءِ چا ٿو بچي.

جيئن موصوف گهرو وزير اغوا ٿيلن جي سلامتي کي عزيز سمجهي ڪيئي اهم ڳاليهون ڪرڻ کان پرهيز ڪري ٿو تيئن سرڪار کي گهرجي ته سمورن صوبن توڙي ان جي عوام جي سلامتي جي واسطي اهڙيون نيون پاليسيون ترتيب ڏياري، جنهن سان ملڪ جي عوام ۾ پنهنجي ئي ملڪ جي واسطي پيار ۽ ان پاران تحفظ ملڻ جو احساس ٿئي.

خميس 12 جنوري 2017ع، 13 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي گهرو کاتي ۽ صحت کاتي ڏانهن ٻه اکر

سنڌ جي رڳو ٻن ٽن شهرن جي ٽن چئن واقعن کي رپورٽ ڪرڻ سان اهو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي