21 اڱارو , فيبروري 2017

فوجي عدالتن جو مدو وڌائڻ وارو معاملو

زرار پيرزادو

  • رپورٽون آهن ته فوجي عدالتن جو ٻن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان کي وڌائڻ لاءِ پارليامينٽ م قانون جوڙڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پهريون اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿيو آهي.
  • پهرين اجلاس ۾ پ پ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف به حڪومت آڏو ڪجهه سوال رکيا آهن.
  • اهڙي نموني ميڊيا اندر به فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حمايت توڙي مخالفت ۾ بحث مباحثا هلي رهيا آهن.
  • فوجي عدالتن جا حامي چون ٿا ته انهن عدالتن سبب دهشت گردي ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪيترائي دهشت گرد ترت ڪيس هلڻ سبب پنهنجي انجام تي يعني ڦاهي چڙهي چُڪا آهن.
  • جڏهن ته فوجي عدالتن جي مخالفن جو چوڻ آهي ته سول عدالتن تي ڀاڙيو وڃي، انهن کي مضبوط ڪيو وڃي، سڌارا آندا وڃن، ججن ۽ شاهدن جي يقيني تحفظ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
  • ان ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ فوجي عدالتن جي حامين جو موقف آهي ته فوج پاڻ فوجي عدالتون قائم ناهن ڪيون. پارليامينٽ پاڻ قانون سازي ڪري اهي عدالتون قائم ڪرايون آهن. سو جيڪڏهن اهي غلط به آهن ته ان جي ذميوار پارليامينٽ آهي. سندن خيال آهي ته حڪومت ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچي ٿي پر ڪم فوج کان ٿي ڪرائي.
  • انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جو حڪومتي ۽ پارلياماني نظام عوام دوست ۽ انصاف جوڳو ناهي. پر ان جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ پاڻ آهي جنهن پارلياماني نظام کي ڪڏهن به پنهنجن پيرن تي بيهڻ ناهي ڏنو.
  • اسان جي ملڪ ۾ صرف ۽ صرف فوج جو ادارو مضبوط آهي. فوجي عدالتن برابر دهشت گردن کي سزائون ڏنيون آهن پر فوجي عدالتن جي ججن کي ڪو خطرو نه هو. اها به خبر نه پئي پوي ته ڪهڙي جج وٽ ڪيس آهي ۽ ڪنهن سزا ڏني آهي. اهڙو تحفظ اسان وٽ نه سول عدالت جي ججن کي آهي ۽ نه ئي پوليس عملدارن کي. ڇاڪاڻ ته انهن کي مضبوط ڪرڻ ڏنو ئي نٿو وڃي.
  • عام طور تي مارشلائن ۾ فوجي عدالتون ٺهنديون آهن پر جڏهن مسلم ليگ (ن) جي سول حڪومت فوجي عدالتون ٺاهيون ته جمهوريت پسند حلقن کي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون.
  • جيستائين پارليامينٽ طرفان فوجي عدالتن جي قانون سازي جو سوال آهي ته حقيقت ته اها آهي ته پارليامينٽ ۾ اهو دم خم ئي ناهي ته اُها اسٽيبلشمينٽ جي حڪم کي رد ڪري سگهي.
  • فوجي عدالتون اصل ۾ ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جو هڪ حصو آهن ۽ انهن فوجي عدالتن کي آپريشن جو حصو بڻائي پارليامينٽ کان ان جي قانوني حيثيت ورتي وئي.
  • جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ چاهيندي ته هاڻي به فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ٿي ويندي ۽ پارليامينٽ وري قانون جوڙڻ تي مجبور ٿيندي جنهن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي.
  • اصل ڳالهه آهي پاليسيءَ جي- جيڪڏهن هن ملڪ اندر پارلياماني ۽ حڪومتي نظام مضبوط ڪرڻ جي پاليسي قائم ڪئي ويندي ته اسانجيون عدالتون به فوجي عدالتن جيان مضبوط هونديون.
  • ۽ جتي پارلياماني ۽ حڪومتي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي پاليسي ناهي هوندي اتي پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو راڄ هوندو آهي. سو فوجي عدالتن بابت ڪجهه به چيو وڃي آخري فيصلو اسٽيبلشمينٽ جو ئي هلندو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهي به رپورٽون آهن ته ڪور ڪمانڊرس جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي سو هاڻي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي