21 اڱارو , فيبروري 2017

جهوني گورنر جو لاڏاڻو ۽ ڪجهه سوال

سجاد ٻرڙو

اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪري شهرت ماڻيندڙ جسٽس ( ر ) سعيد الزمان صديقي گذريل ڏينهن 80 ورهين جي عمر ۾ آخرڪار ان راهه ڏانهن روانو ٿي ويو، جنهن پاسي هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سڀني کي هلڻو آهي.

عمر جي آخري حصي ۾ سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جو 31 هون گورنر بڻجڻ جو اعزاز مليو، پر بدقسمتي سان هو گورنر جي حيثيت سان اسان سان صرف ٻه مهينا ئي ” گڏ“ رهيو ۽ لاڳيتو بيماري سبب ” گورنري“ جا ” مزا“ وڌيڪ عرصي تائين ماڻڻ کان محروم رهيو.

مرحوم گورنر جي ٻن مهينن جي گورنري تي نظر ڪجي ته حلف کڻڻ واري ڏينهن کان وٺي آخري ڏهاڙي تائين محترم صرف ۽ صرف اسپتال حوالي ٿيل هو ۽ چوڻ وارا مختلف وقتن تي چوندا رهيا ته اڳوڻي جسٽس کي ڪجهه خاص ڪمن سبب سنڌ جو گورنر بڻايو ويو هو، ان بابت هنن وٽ دليل ڪجهه هن ريت هئا ته:

  1. اهو جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي ئي هو جنهن اصغر خان ڪيس (جنهن ۾ هاڻوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس ٻين ساٿين سميت ڪيترن ئي مٿان پئسا وٺڻ جو الزام هو) کي اينگهايو ۽ ڪو به فيصلو جاري ڪرڻ بدران ان ڪيس تي فيصلي کي اهڙي ريت ” محفوظ“ بڻايو ويو آهي جو هن وقت تائين ڪنهن به عام ماڻهو کي خبر ناهي پئجي سگهي ته آخر ان ڪيس جو ڇا ٿيو؟.
  2. اهو جسٽس ( ر ) سعيد الزمان صديقي ئي هو جنهن جي سربراهي ۾ جڙيل 10 رڪني بينچ ان وقت جي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ پنهنجي ئي چيف جسٽس کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
  3. ۽ اهو جسٽس رٽائر سيعد الزمان صديقي ئي هو جنهن 1999ع نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد پرويز مشرف جي جاري ڪيل پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هيو.

اهي دليل پيش ڪندي چوڻ وارا کليل لفظن ۾ چوندا رهيا ته جسٽس ( ر ) سعيد الزمان صديقي مسلم ليگ ” ن “ جي اعليٰ قيادت کي تمام ويجهڙو هيو، اهو ئي سبب هو جو عمر جي آخري حصي ۽ بيماري واري حالت باوجود هن کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ سندس علاج تي سنڌ حڪومت جي خزاني مان 94 لک رپيا خرچ ڪيا ويا ( اڃا به تنقيد ڪندڙ ته اهو ٿا چون ته مرحوم کي سندس ماضي جي ” خدمتن“ عيوض اهڙي اهم عهدي تي آندو ويو هو)

مرحوم گورنر جي ٻن مهينن جي گورنري تي نظر ڪجي ته هي پهريون گورنر هو جنهن حلف کڻڻ واري ڏينهن کان وٺي آخري ڏهاڙي تائين سواءِ هڪ اڌ ڏينهن جي سمورا ڏينهن اسپتال ۾ ئي گذاريا، ايتري قدر جو روايتن موجب حلف برداري کان بعد کيس ” ملڪ“ جي باني محمد علي جناح جي مزار تي ” حاضري“ به ” نصيب “ نه ٿي سگهي!!!

جيڪڏهن سنڌ جي حوالي سان سندس ” خدمتن“ تي نظر ڪجي ته پنهنجي انهن ٻن مهينن واري گورنري واري دور ۾ هن گورنر اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه سگهندا، اهو هو سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل بل کي واپس ڪرڻ وارو عمل!!!، اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو! ۽ انتها پسند طبقي سان تعلق رکندڙ سدائين هن جي مغفرت ۽ ” جنت الفردوس“ ۾ هن جي اعليٰ درجن لاءِ دعاڳو رهندا!!!.

جيتوڻيڪ هن وقت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي وقتي گورنر مقرر ڪيو ويو آهي، پر جلد ئي سنڌ ۾ نئون گورنر به لازمي آندو ويندو، پر سنڌ واسي وفاق کان هاڻي اهو مطالبو ڪرڻ ٿا چاهين ته ” ٻيلي اسان ڏانهن انگريزن جي طرز تي وائسراءِ جيان اهڙا گورنر نه موڪيلو، جيڪي سنڌ جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سرگرم رهڻ بدران سنڌ جي سموري مشينري کي پنهنجي سار سنڀال لاءِ سرگرم بڻائي ويهي رهن ( اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز به اهڙا وائسراءِ موڪليندا هئا جيڪي ” فٽ فاٽ“ ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي اهل هوندا هئا ) ۽ نه ئي سنڌ کي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جهڙو ڪو گورنر گهرجي جنهن تي سنڌ جي گهڻ گهرن جيڪي الزام لڳايا اهي ته ڪنهن به نه ٻڌڻ جوڳا نه سمجهيا پر سندس پنهنجي ئي ويجهي ساٿي مصطفيٰ ڪمال جيڪي هن مٿان 12 مئي، بلديا فيڪٽري سانحي ۽ ٻين معاملن بابت جيڪي الزام لڳايا اهي به تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن! ( اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن الزامن تحت ان ” محترم“ کي اندر ڪرڻ بدران کيس ” ٻين “ جيان با حفاظت ٻاهر اماڻيو ويو ۽ سمورن معاملن کي لئي مٽي ڪيو ويو).

سو هاڻي وفاقي سرڪار کي گهرجي ته هو پنهنجو ڪهڙو به نمائندو موڪلين پر اهو هن ڀيري ” وائسراءِ“ طرز جو نه هجي!، جيڪو صرف پنهنجي ” اماڻيندڙن“ جي مفادن جو ئي نگهبان بڻجي ڪم ڪري! يا وري هن ” گذريل“ گورنر جيان صرف اسپتالن جي حوالي ٿيل هجي!.

جيئن ته وفاق پنهنجو نمائندو سنڌ لاءِ اماڻيندو سو هن ڀيري وفاق کي اهو خيال ضرور ڪرڻ گهرجي ته گذريل ٻن گورنرن جيان هن ڀيري ڪو اهڙو گورنر نه موڪلين جيڪو هنن جي مٿان ماڻهو کلائڻ جو سبب بڻجي!.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي