21 اڱارو , فيبروري 2017

پاڪستان کي وچ اوڀر جي فتني ۽ فساد کان پري رهڻ گهرجي

زاهد حسين

جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ قائم فوجي اتحاد جي سربراهه طور مقرريءَ بابت گذريل هفتي هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف لهرائيندي ۽ نٽائيندي جيڪا تصديق ڪئي، تنهن جي اڃا ڪا ترديد سامهون نه آئي آهي. ڏٺو وڃي ته اهڙي قسم جي تصديق هن جو ڪڏهن به ڪم ناهي رهي، تنهن هوندي به سندس ڳالهه وزندار آهي.

پر اهڙي تصديق ڪندي هن ڪيئي سوال ڇڏيا آهن، جيڪي جواب جا گهرجائو آهن ۽ ان سان هن اتحاد ۾ شموليت توڙي اڳوڻي فوجي سربراهه کي هن اتحاد جو سربراهه مقرر ڪرڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ اختيارن جي ويڙهه کان پري رهڻ واري اسان جي پاليسي بابت ويتر مونجهارا وڌيا آهن. ٻيو ته ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي ته اڳوڻي فوجي سربراهه جي اتحادي فوج جي سربراهه طور مقرري وزيراعظم جي منظوريءَ کانسواءِ ٿي هجي.

لڳي ٿو ته حڪومت هن معاملي کي ڄاڻي واڻي منجهائي رهي آهي، بلڪل ايئن ئي جيئن شروع ۾ اعلان ٿيو هو ته پاڪستان سعودي عرب جي اڳواڻيءَ ۾ قائم فوجي اتحاد ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ٻيو ته راحيل شريف طرفان پاڻ هرتو هن اتحاد جي سربراهي قبولڻ بابت به سنجيده سوال موجود آهن. هڪ بهترين فوجي سربراهه طور ياد رهڻ لاءِ جيڪا ميراث ڇڏي آهي تنهن تي به اثر پوندا.

هو ريٽائرمينٽ کانپوءِ سرڪار جي مشوري کانسواءِ پاڻ هرتو ملڪ کان ٻاهر سياسي طرح حساس عهدو قبول ڪري نه ٿو سگهي.

يقيني طور راحيل شريف جي ريٽائر ٿيڻ کان به اڳ سعودي عرب جي آڇ آيل هئي، ڇا تازو ريٽائر ٿيل فوجي سربراهه کي ان عهدي لاءِ ڇڏڻ پٺيان ڪا حڪمت عملي آهي يا سعودي دٻاءُ برداشت نه ڪندي ايئن ڪيو ويو. سبب کڻي ڪهڙو به هجي ان فيصلي جا اندروني توڙي ٻاهرين طور سنجيده نتيجا نڪرندا.

سال کان به مٿي عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن سعودي عرب جي نوجوان نائب ولي عهد شهزادي (جيڪو ئي يمن ۾ تباهه ڪن سعودي فوجي مهم شروع ڪرڻ جو ذميوار آهي) 34 ملڪن تي مشتمل فوجي اتحاد جي قيام جو اعلان ڪيو هو. سو سعودي عرب جي ان هڪ طرفي اعلان، اتحاد ۾ شامل ملڪن جي فهرست ۾ نالو شامل هئڻ تي نه رڳو پاڪستان پر ڪيئي ملڪن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هي اتحاد دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه لاءِ ٺاهيو ويو آهي پر پنهنجي جوڙجڪ مان اهو ”سڀني ملڪن جو اتحاد“ لڳي رهيو آهي.

اهي شڪ شبا به وڏي پيماني تي موجود آهن ته هيءُ اتحاد واقعي به دهشتگرديءَ خلاف آهي يا هي اتحاد وچ اوڀر ۾ سعودي عرب جي اختيار حاصل ڪرڻ جي حِرِص جو پتلو بڻيل رهندو. ڪيئي ملڪن طرفان هن اتحاد کي ٿڌي موٽ به ان ڳالهه کي شڪ بڻائي ڇڏيو آهي ته هي اتحاد هلي سگهندو به يا نه؟ عراق ۽ ايران سميت ڪجهه اهم ملڪن جي شامل نه هئڻ به هن اتحاد کي ويتر تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.

بس ڪجهه ملڪ ئي آهن، جيڪي هن اتحاد لاءِ فوج ڏيندا، سو آرمي چيف جي قيادت ڪرڻ لاءِ باقي رهي ڇا ٿو؟ جيتري قدر دهشتگرديءَ سان نبرڻ جو تعلق آهي ته ان گڏيل فوجي اتحاد قائم ڪرڻ بدران انهن مسلمان ملڪن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.

دلچسپ ڳالهه هي آهي ته پاڪستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جڏهن سعودي فوج سان گڏ يمن ۾ وڃي وڙهڻ لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ کان انڪار ڪيو ته ان کانپوءِ گڏيل فوجي اتحاد جو اعلان ڪيو ويو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سعودي عرب جي انهيءَ ڏس ۾ درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي اهو ناراض به ٿيو هو. پاڪستان جي مفاد ۾ قطعي به ناهي ته اهو فرقيوار تڪراري ۽ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ علائقائي اختيارن جي ويڙهه جو حصو بڻجي، سعودي عرب جي مداخلت يمن ۾ گهرو ويڙهه کي جنم ڏنو آهي ۽ معاملي جي سياسي حل جو رستو روڪي ڇڏيو آهي.

گذريل هڪ سال کان وچ اوڀر اندر وڏيون سياسي تبديليون رونما ٿيون آهن، عراق ۽ شام اندر شدت پسند تنظيم دولت اسلاميه کي به وڏو نقصان برداشٽ ڪرڻو پيو آهي. دلچسپ ڳالهه هي به آهي ته سعوديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ اتحاد ۾ جن ملڪن جا نالا آهن تن مان ايران سميت ڪيئي ملڪ عراق ۾ داعش خلاف آمريڪي اتحاد ۾ به شامل آهن. حقيقت هي به آهي ته ايران داعش جي ان جي ڳڙهه مان تڏا ويڙهه ۾ به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ان کان علاوه روس به ايران ۽ ترڪيءَ سان گڏجي ٽه ملڪي اتحاد جوڙي وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي ۽ سفارتي اثر کي نئين نموني وڌائڻ وڃي رهيو آهي. ان نئين اتحاد کي به ان حوالي سان آمريڪا ۽ اولهه جي حمايت حاصل آهي ته جيئن شام ۾ جهيڙيندڙ مختلف گروهن ۾ جنگبندي ڪرائي سگهي. سعودي عرب جيڪو سني ويڙهاڪ گروهن جي مدد ڪندو رهيو آهي سو هينئر شام جي بحران مان ٻاهر نڪتل ٿو ڀانئجي.

دلچسپ ڳالهه هي به آهي ته مصر، جيڪو وڏي پيماني تي سعودي جي مالي امداد حاصل ڪندو رهيو آهي، تنهن به سعودي عرب جي مخالفت جي ابتڙ بشارالاسد جي سرڪار جي حمايت پئي ڪئي آهي. سو تبديل ٿيندڙ انهن مفادن ۽ اتحادن کي ڏسندي سعودي عرب جي سربراهيءَ ۾ نئين فوجي اتحاد جي قيام وارو خيال سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اڪثر مبصر ان ڳالهه تي متفق آهن ته نئين اتحاد مان پنهنجي اندروني سلامتي ۽ عدم استحڪام جي وڌندڙ ڳڻتي جي عڪاسي ٿئي ٿي، ڇو جو سعودي عرب سمجهي ٿو ته آمريڪا ان جو قابل اعتبار اتحادي نه رهندو.

آمريڪا جي ايران سان ايٽمي معاهدي توڙي شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ زميني فوج ڏيڻ کان انڪار به سعودي سرڪار کي مايوس ڪري ڇڏيو. آمريڪا جيتوڻيڪ هن فوجي اتحاد جي آجيان ڪئي آهي، پر پرتشدد انتهاپسنديءَ خلاف سعودي عرب جي ويڙهه بابت به سنجيده نوعيت جا شڪ شبا موجود آهن.

وڏي پيماني تي اهي شڪ شبا انهن الزامن جي ڪري به پيدا ٿيا آهن ته سعودي عرب پنهنجي عدم برداشت واري سوچ آمر شرعي قانون مڙهڻ لاءِ پاڪستان سميت مسلمان اڪثريت وارن ملڪن ۾ سني فرقي سان لاڳاپيل گروهن جي وڏي پيماني تي مالي مدد ڪندو رهيو آهي.

گذريل سال ميمبر ملڪن ۾ ان ڳالهه تي ڪنهن به قسم جو بحث ۽ مشورو ناهي ٿيو ته هن اتحاد کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اهو به واضح ناهي ته مختلف خيال ۽ سوچ رکندڙ مسلمان ملڪن جي فوج گڏجي ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ڪم ڪندي. اهڙي صورتحال ۾ ان تڪراري اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت ۽ اڳوڻي فوجي سربراهه طرفان ان جي قيادت جا سنجيده سياسي هاڃا پئجي سگهن ٿا.

سرڪار کي هن معاملي تي پارليامينٽ ۽ قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ان کي اڳوڻي فوجي سربراهه کي به هن تڪراري اتحاد لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، جنهن جي ايجنڊا ورهايل آهي. اسان جي قومي مفاد ۾ آهي ته اسان پاڻ کي وچ اوڀر ۾ اختيارين جي ويڙهه کان پري رکون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي