21 اڱارو , فيبروري 2017

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ چيو ته جنرل راحيل شريف سعودي عرب طرفان ڏنل عهدي تي جڏهن اڃا شهزادي سلمان طرفان سعودي عرب جي دعوت تي اسلامي ملڪن جي دفاعي مشقن جو افتتاح ڪرڻ ويو ته اتي شهزادي سلمان کيس، هڪ جملو چيو ته جيڪڏهن توهان هنن سڀني فوجن جا سربراهه هجو، يا توهان هنن مشقن جو مشاهدو بحيثيت سربراهه جي ڪريو ته ڪيئن ڪريو؟ جنرل راحيل شريف صرف ڪنڌ ورائي شهزادي کي ڏسي وري بنا جواب ڏيڻ جي خاموشي اختيار ڪئي، اسان هن ڪچهري ۾ اهو ذڪر ان وقت ئي ڪيو هو، جنرل صاحب هڪ طرف فوجي فائونڊيشن جي ذريعي پنهنجي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي فوج ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ چين اقتصادي لنگهه کي تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ لکين رٽائرڊ فوجين جي روزگار جو مسيحا بڻجڻ ٿو چاهي، ته هي وري آمريڪي گيم، هٿان سعودي ۾ جنرل صاحب کي شريڪ ڪري پاڪستان ۽ جنرل راحيل شريف کي آزمائش ۾ وجهي ايران لاءِ شڪي سازش پيدا ڪري خطي ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. راحيل شريف چاهي ته ايران ۽ سعودي جا اختلاف ختم ڪرائي خطي ۾ امن جي علامت بڻجي سڀني ڏتڙيل مسلمان ملڪن جي جنگي حالتن ۾ گرفتار مسلمانن جي فوج کي سچو پچو ”مسلمان“ اتحاد جو رجحان ڏئي سگهي ٿو. مسلمانن اسلام جي دشمن يهوديءَ جي چالن جو مقابلو ته اڃا تائين ڪير نه ڪري سگهيو آهي. 60 لکن جي آدمشماري جو اسرائيل دنيا سڄيءَ تي تخريب ڪري آمريڪا جي ڪلهي تي بندوق رکي يهودي سوچ ازل کان ابد تائين جنگ تي قائم رهندي قرآن پاڪ ۾ خدا پاڻ هوشيار ڪري ڇڏيو آهي ته يهودي ۽ نصارا قيامت تائين مسلمانن سان جنگ جوٽيون بيٺا هوندا، ان ڪري حڪومت پاڪستان ۽ اسان جي دفاعي ادارن کي پنهنجي ئي جنرل صاحب جي خارجي ڪردار کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.

ڪامريڊ سليم چيو ته ميان حڪومت نيب وارن جي پٺيان بيٺل پاڇولي کان ڇرڪي آرڊيننس جاري ڪري حرام جو پيسو ڪمائڻ وارن کي بچاءَ جو رستو ڏئي نيب کان بچائي ورتو آهي، ان ڪري حڪومت پاڪستان جو جنرل راحيل واري معاملي ۾ ڪوبه هٿ نه آهي، حالانڪه حڪومت اڻ سڌي طرح ان عمل جي حصيدار نظر اچي رهي آهي، پر اسان اهو ضرور چونداسين ته جنرل راحيل شريف نيڪ، بااصول انسان آهي ۽ اهو ڪنهن به اسلام دشمن قوتن ۽ انسان دشمن قوتن جو اوزار نه بڻجندو، بلڪ سندس ڪامياب ڪردار کيس هت به نيڪيءَ ۾ مسلمانن کي ڪامياب ڏياري سگهي ٿو. آمريڪا سڄي دنيا ۾ آپريشن سينٽر قائم ڪري دهشتگردن جي خاتمي جا بندوبست ڪيا آهن. يقينن دهشتگردن جي خاتمي جو اعزاز ماڻيندڙ اسان جو جنرل صاحب سڀني علائقن کي ايئن منهن ڏيندو جيئن S.P ملير رائو انوار چارج سنڀاليندي، ڇهن ٿاڻن جا صوبيدار بدلي ڪري ٻين هيٺين عملدارن کي به هيٺ مٿي ڪيو آهي. انصاف جو بول بالا تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي، عدالتون پوليس ۽ نيب وٺ سٺ لائي ڏني آهي ۽ هر هنڌ قانون تيز ٿي ويو آهي، ان ڪري هاڻ ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ثقافتي تقريبون ۽ سيمينار وڌ ۾ وڌ جاڳرتا ڏين، جيئن حيدرآباد ۾ لٽرري ڪلچرل سيمينار ۽ ڪراچي ۾ نالي واري صحافي، اديب، شاعر ۽ لطيف جي پارکو انور پيرزادي جي ورسي وڏي پيماني تي ٿي. اهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ ٻيا به اهڙا سلسلا بنا خوف ۽ خطري ٿي رهيا آهن.

سنڌي قوم پرست اڳواڻ ڏسن پيا، سنڌ جا اصل ويري تعليم جي نالي تي ملندڙ 146 ارب رپيا هڙپ ڪري ويا ۽ 65 لک سنڌ جا ٻار تعليم کان محروم ۽ دربدر آهن، هر سال جنوريءَ جي مهيني ۾ اعلان ٿيندا آهن ته هي سال تعليم جي جاڳرتا جو سال آهي، اڳوڻي دور ۾ پ پ وزير پير مظهر اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ 7000 ست هزار اسڪول بند آهن، اهي کولرائيندا. حڪومت مدو پورو ڪيو ۽ صرف اعلان ۽ انگ اکر هيٺ مٿي ڪري، نئين حڪومت جو به مدو پورو ٿيڻ وارو آهي، پر تعليم جو ڪو مضبوط بلو نه ٿيو آهي، اسان جي صلاح آهي ته جيترو خرچ چين سان معاهدو، ڪراچي مان ڪچرو ڪڍڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ته ان جو اڌ چيني ڪمپنين سان معاهدو ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سنڌي، انگلش، عربي ۽ چيني زبانن جي هنگامي بنياد تي تعليم ڏني وڃي ته چين ۽ مسلمان ملڪن ۾ اسان جا ٻار نوڪريون ماڻي سگهندا، سنڌ حڪومت اڳوڻي دور ۾ چين سان اهڙا معاهدا به ڪيا هئا! اعلان به ٿيا هئا، پر عمل حسب معمول ڪوبه ڪونه ٿيو ۽ نه ئي ٿيندو.

مواليءَ چيو ادا تعليم ئي ته هن ملڪ ۽ صوبي جو اصل مسئلو آهي. جنهن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري اسين سنڌي پنهنجي اردو ڀائرن جي ليول تي معاشي ۽ علمي لحاذ کان ڪڏهن پهچنداسين؟ وڏيري جي غلاميءَ مان نه ڪڏهن جند ڇڏائي سگهنداسين ۽ نه پنهنجو نسل سڌاري سگهنداسين، تازو لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪارڪن عامر کي بلاول جي باڊي گارڊ بلاول جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندي اچڻ تان ٺونشو وهائي ڪڍيو ۽ پوءِ ٽي وي چينلن پراڻي ڪراچي جي روڊ جاروڊ بند ٿيڻ تي نياڻيءَ جي فوت ٿيڻ وارو واقعو به تازو ڪري ڇڏيو، زرداري صاحب ۽ سنڌ جي تعليم وارو نوجوان باهمٿ سيڪريٽري چاهين ته سنڌ جي تعليم هڪ سال ۾ سڌري سگهي ٿي، شاگردن ۽ استادن جي حاضري يقيني ٿي سگهي ٿي، شاگردن جي نالي ايندڙ ڪتاب دڪان تي نه وڃن، ٻارن لاءِ ملندڙ ڏيهي پرڏيهي فنڊ نه کاڌا وڃن. حاضري واري جديد سسٽم کي ڪامياب بڻايو وڃي، سفارشي ۽ ڪوڙي ڀرتي وارن ماسترن مان جند ڇڏائي وڃي، علائقي جي پارٽي ۽ سٽي چيئرمين حلقي جي قومي ۽ صوبائي ميمبرن کان به تعليم ۽ اسڪولن جي نگرانيءَ جي رزلٽ ورتي وڃي. جنهن ميمبر جي تڪ ۾ تعليم زبون هجي اسڪول بند ۽ ٻار دربدر هجن انهن کي اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ ئي نه ڏني وڃي ۽ واقعي هنگامي بنياد تي چين کان وڏي مدد ملڻ واري آهي، ان جي آڳڙو ئي صحي استعمال ڪرائي وڃي.

بهرحال هن وقت 39 ملڪن ۾ جيڪا فوج راحيل شريف جي نگراني ۾ ڪم ڪندي. ان ۾ گهڻا مسلم ملڪ نه آهن، پر هيءَ نوڪري راحيل صاحب کي جن شرطن تي ملي آهي، اهي اسان جي حڪومت کي به قبول آهن، هن کي به سڀ خبر آهي پر ڪن ملڪن جي خارجه پاليسيءَ سان اختلاف رکندي به سعودي ۽ آمريڪي مرضيءَ سان پارليامينٽ پاڪستان ۾ اهو بحث هلڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها پوسٽ مان مسلمانن کي فائدو پهچڻو آهي ته پوءِ رٺل رياستن کي گڏ ڪرڻ لاءِ حڪومت به حصو وٺندي ته پاڪستان جو قد سعودي کان وڏو ٿي ويندو، جيڪڏهن اهو عمل هن ملڪ جي حڪومت جي اعتماد کانسواءِ ڪيو ويو آهي ته پوءِ يقينن آمريڪا جيڪا شيعه سني عالمي ويڙهه جي رٿابندي ڪري، انهن ملڪن کي جدا ڪيو ويو آهي، جن جي فقهه جو سعودي فقهه سان وڏو اختلاف آهي. سعودي طرفان ايران، عراق، شام، يمن، کانسواءِ اسلام ۾ پنهنجي نظريات جا حمايتي ٿيڻ کان لنوائڻ وارن جي سزا ان صورت ۾ ملي رهي آهي يعني اهو پاڪستان جو رٽائرڊ جنرل راحيل شريف ئي آمريڪي پروجيڪٽ مڪمل ڪندو ۽ حسينئه ضياءُ الحق لکين فلسطيني مسلمان شهيد ڪيا. پر راحيل شريف جيڪي ٽي عدد شرط رکيا آهن، انهن شرطن مان سندس نيت جي خبر پئجي ٿي وڃي. هڪ شرط اهو اول آهي ته ان گروپ ۾ هو ايران کي شامل ڪندو ۽ مسلم ملڪن ۾ جيڪا هڪ ٻئي لاءِ نفرت آهي، اها محبت ۾ تبديل ڪرڻي آهي ۽ خارجه پاليسين تي ڪابه حصيداري نه ٿيندي، اهي سڀ ٽي وي تي ٻڌل خبرون آهن، باقي ن ليگ جي خلاف ڪجهه ٽي وي چينل وڏي ميڊيا ٽرائيل هلائي رهيا آهن. پر اشو اهڙا آهن جن ۾ ڪو کڙ تيل نه آهي، باقي دهشتگردي خلاف افغانستان ۾ ڪابل ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو، 27 ماڻهو مري ويا پر اتي هاڻ عورتن هٿيار کڻي پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي تربيت شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته سنڌي اقليت ۾ آڻڻ جي تياري مڪمل آهي، آدمشماري مارچ ۾ به ٿيندي يا نه پر سنڌ بيروزگار، تعليم کان محروم ۽ آثار قديمه جا وارث ئي رهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي