21 اڱارو , فيبروري 2017

سوويت يونين جو زوال، سنڌ جون حالتون ۽ کاٻي ڌر جو ڪردار

عيسيٰ ميمڻ

سوويت يونين ۾ 1917ع آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ انسان جي سموري تاريخي سفر ۾ انسان پھريون  دفعو پنھنجي شعور ۽ هيٺين طبقي يعني پورهيت ڪلاس پنھنجي طاقت کي محسوس  ڪيو. روس يورپ جو پسمانده ۽ جاگيرداراڻه ملڪ هو ۽ ان تي زار شاهيءَ جي حڪومت هئي، آڪٽوبر انقلاب تائين روس ۾ ڏهه سيڪڙو به سرمائيداري نه ٿئي هئي پر ڪامريڊ لينن جھڙي قيادت ۽ بالشويڪ جھڙي منظم جماعت روس جي حالتن جو صحيح رخ ۾ مطالعو ڪندي، زار شاهيءَ جي تخت کي ڪيرائي وڌو ۽ روس ۾ پورهيت جي رد عمل طور انقلاب جنم وٺي رهيو هو. ان کان اڳ 1871ع ”پئرس ڪميون“ ۾ مزدورن جو جهنڊو بلند ٿئي ٿو پر 72 ڏينھن ۾ ئي ان کي سرمائيدارن ۽ استحصالي قوتن ڪچلي ڇڏيو هو پر پوءِ به ”پئرس ڪميون“ جي انقلاب پئرس سماج ۾ زبردست تبديلي آندي هئي، جنھن سبب سماج پنھنجا ارتقائي ڏاڪا تيزيءَ سان طئي ڪيا هئا. ان انقلاب جا اثـر پئرس کان سواءِ باقي سماجن تي به واضح نموني پيا هئا. 1886ع ۾ شڪاگو اندر مزدورن جي بغاوتن جي جنم سوويت يونين سميت يورپ جي اندر سرمائيدار ۽ استحصالي قوتن کي لوڏي ڇڏيو هو.

انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته ذاتي ملڪيت جي تصور سان سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. اول اشتراڪي سماج  ۾ ڏار ان وقت پيا، جڏهن انسان زمين تي ليڪو ڪڍي ان کي پنھنجي ذاتي ملڪيت قرار ڏنو ۽ پوءِ ان کي آباد ڪرڻ لاءِ محنت ۽ قوت جي ضرورت پئي، تڏهن غلامداري سماجي جو باقاعدي آغاز ٿئي ٿو. غلام داري سماج ۽ ذاتي ملڪيت جي تصور انسان جي وچ ۾ طبقا پيدا ڪيا. انھن طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب انسانيت ڌرمن، مذهبن، فرقن، اوچ نيچ، نسلن توڙي قومن ۾ ورهائجي ويئي. ان طبقن سبب اول اشتراڪي سماج کان سواءِ سمورن سماجن۾ استحصال مختلف شڪلين ۾ رهيو آهي، جنھن ڪري مارڪس چيو هو ته” سموري انساني تاريخ، طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي.“ ان ڇڪتاڻ سبب ظالم ۽ مظلوم قومن توڙي طبقن جي وچ ۾ جنگيون لڳنديون رهيون آهن ۽ تيستائين لڳنديون رهنديون جيستائين سماج استحصال کان آجو يعني ڪميونسٽ سماج نه ٿو بڻجي. هڪ اهڙو ”سماج جنھن ۾ هر انسان کي صلاحيت مطابق ڪم ملي ۽ ضرورت مطابق معاوضو ملي.“ ان سماج کي ڪميونسٽ سماج چئجي ٿو. اسان جا گهڻا ساٿي سوويت يونين ۾ آڪٽوبر انقلاب جي نتيجي ۾ آيل سماجي تبديلين کي سوشلسٽ سماج جي ذمري ۾ آڻيندا آهن پر حقيقت ۾ سماج سوشلسٽ نه ٿيندو آهي پر سوشلزم ته عبوري دور هوندو آهي، جتان سماج کي ڪميونزم ڏانھن سفر ڪرڻو هوندو آهي. ڪميونسٽ سماج ٿيندو آهي. سوشلزم هڪ عبوري مرحلو هوندو آهي.  روس ۾ زار شاهي جي جبر خلاف 1898ع ۾ ”روسي سماجي جمھوري مزدور جماعت“ نالي پارٽي جو جنم ٿئي ٿو پر 1903ع ۾ مارڪسزم جي عملي تشريح جي سوال ۽ انقلاب جي طريقيڪار جي سبب پارٽي ٻن حصن بالشويڪ (اڪثريت) منشويڪ (اقليت) ۾ ورهائجي وڃي ٿي. بالشويڪ جي قيادت ڪامريڊ لينن ڪري رهيو هو ته منشويڪن جي قيادت پليخانوف ڪري رهيو هو.

آڪٽوبر انقلاب جي سڃاڻپ رکندڙ بالشويڪ انقلاب 7- نومبر 1917ع ۾ (هي ان زماني ۾ روس ۾ رائج پراڻي ڪئلينڊر مطابق 25-آڪٽوبر جو ڏينھن هو ان ڪري ان کي آڪٽوبر انقلاب چئبو آهي) اچڻ وقت خود ٽراٽسڪائي ۽ لينن جي وچ ۾ وڏا بحث ۽ اختلاف ٿيا. ٽراٽسڪائي جو چوڻ هو ته ڪنھن به هڪ خطي ۾ انقلاب جي ڳالهه يا انقلاب آڻڻ سان انقلاب جٽاءُ نه ڪري سگهندو ان ڪري انتظار ڪريو. جرمن ۾ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن، ان ڪري روس ۽ جرمن ۾ گڏيل انقلاب آڻجي ته انقلاب جي دشمن قوتن خلاف وڏي طاقت ٺھي پوندي. جنھن لاءِ ڪامريڊ ٽراٽسڪائي جو ”مسلسل انقلاب“ وارو محاورو عام ٿيو پر ڪامريڊ لينن چيو ته ”جتي حالتون انقلاب لاءِ موافق هجن اتي انقلاب آڻجي ۽ باقي دنيا ۾ ٿيندڙ انقلاب لاءِ ڪوشش ڪجي.“ جنھن ڪري ڪامريڊ لينن جي مرحليوار، انقلاب جو اصطلاح مروج ٿيو. آڪٽوبر انقلاب ۾ دير ڪرڻ ۽ انقلاب نه آڻڻ واري عمل کي ڪامريڊ لينن غداري قرار ڏنو. اهو ئي سبب هو جو آڪٽوبر انقلاب دوران ڪامريڊ لينن ۽ ٽراٽسڪائي، بالشويڪ ۽ منشويڪن جا اختلاف نه صرف جاري رهيا پر شدت پڻ اختيار ڪري ويا. پر ڪامريڊ لينن حالتن جو تز جائزو وٺي فيصلو ڪيو، ان دنيا جي تاريخ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. مارڪس جنھن پورهيت لاءِ جيڪو اڪثريت ۾ آهي، جي آجپي جا خواب ڏٺا هئا، اهو خواب ساڀيان ماڻي چڪو هو.

جيتوڻيڪ ان انقلاب کي ڪچلڻ لاءِ ان وقت ئي دنيا جي 16- ملڪن کان وڌيڪ روس ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر پوءِ به ڪامريڊ لينن ۽ ان کانپوءِ ڪامريڊ اسٽالن جي ڏاهپ سان داخلي توڙي خارجي دشمن قوتن خلاف زبردست ويڙهه ڪئي ۽ ان جو سڀ کان وڏو مثال ته ٻي مھاڀاري جنگ ۾ 2 ڪروڙن کان وڌيڪ روسي ڪامريڊ، انقلاب کي بچائيندي مرن ٿا، انھن قربانين جي عيوض سوويت يونين نه صرف پاڻ بچايو شاندار ترقي ڪري دنيا کي حيران به ڪري ڇڏيو. هي به تاريخ جو سڀ کان وڏو سچ آهي ته سوويت يونين ۾ انقلاب تاريخي ارتقا جو نتيجو ناهي پر انساني اختيار جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ ته ارتقا جي رفتار جو تعين انسان نه پر حالتون ڪنديون آهن.

جيڪڏهن سماجي تبديلي ۾ انسان جو اختيار ۽ عمل شامل ٿئي ٿو ته اهو انقلاب جي شڪل اختيار ڪري ٿو ۽ انقلاب تاريخ جي انجڻ ٿيندا آهن جنھن ۾ سماج جي ڪايا پلٽ ٿي ويندي آهي. برناڊشا چواڻي ته ”مارڪسزم انھن ماڻهن کي روشني ڏئي ٿو، جيڪي سماج کي بدلائڻ جو طريقو ڄاڻن ٿا.“ ۽ اها مارڪسزم جي روشني هئي جنھن روس کي دنيا جي تبديليءَ جو سرواڻ بڻائي ڇڏيو ته خود روس ۾ هن انقلاب سوويت عوام کي اٽو، روزگار، تعليم ۽ صحت جھڙيون بنيادي ضرورتون ميسر ڪيون هيون ته ٻئي طرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به حيرتناڪ ترقي ڪئي هئي.

هن وقت سوال هي آهي ته هيڏي وڏي ترقي ڪندڙ نظام ناڪام ڇو ٿيو؟ ان جا سبب ڪھڙا آهن ۽ مستقبل ۾ عالم انسانيت جي صورتحال ڇا بيھندي؟ منھنجي نظر ۾ سوويت يونين جي ناڪاميءَ کي نظريي جي ناڪامي سمجهڻ ڪنھن به طرح سان ترقي پسند عمل نه ٿو چئي سگهجي. هيءَ ناڪامي حقيقت ۾ هڪ نظام جي ناڪامي آهي جنھن جي ذميواري ان قيادت تي اچي ٿي جيڪا سوشلزم جي تعمير درست رخن ۾ ڪري نه سگهي. سوشلسٽ انقلاب ته اتر ڪوريا، ڪيوبا، ويٽنام، چائنا ۾ به آيو هو پر اتي سوشلزم ناڪام نه ٿيو هو. ان ڪري ان کي سوشلزم جي ناڪامي نه پر سوويت قيادت جي ناڪامي يا هڪ نظام جي ناڪامي چئي سگهجي ٿو.

ان جا ٻيا ڪيترائي سبب آهن انھن ۾ عالمي سامراجي قوتن جي حد کان وڌيڪ مداخلت، سوويت يونين جي سينٽرل قيادت جو ڪرپشن جي ور چڙهڻ، ٻاهرين ملڪن کي وڏي تعداد ۾ معاشي مدد ڪرڻ ۽ اتي صنعتون قائم ڪرڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ٻاهرين ملڪن ڏي فوجون موڪلي انقلاب برپا ڪرڻ جي ڪوشش سبب سوويت يونين جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو هو. ٻئي طرف سوشلسٽ معيشت ۾ نوڪر شاهيءَ مزدورن جي پيش قدمي ۽ تخليقي صلاحيتن کي پڻ دٻائي رکيو هو ان ڪري مزدورن جي معاشي پيداوار ۾ خاص دلچسپي نه رهي هئي. سوويت يونين جي قيادت گهڻي قدر ايشيا ۽ آفريڪا ۾ انقلاب ايڪسپورٽ ڪرڻ شروع ڪيا . ان جو وڏو مثال افغانستان ۾ جيڪو ڪمال سوويت قيادت ڪيو، اهو ته لينن ۽ مارڪسزم جي فڪر ۽ فلسفي جي بلڪل ابتڙ هيو، ڇاڪاڻ ته انقلاب نه امپورٽ ٿيندا آهن نه ايڪسپورٽ ٿيندا آهن، پر اهي ته حالتن مان ڦُٽي نڪرندا آهن. سوشلزم، انقلاب ذريعي ايندو آهي. فوجي جنرل ڪرنل انقلاب ناهن آڻيندا. عوام انقلاب جي اها هر اول قوت آهي جيڪا انقلاب آڻيندي به آهي، انقلاب بچائيندي به آهي ته ان جي پرورش به ڪندي آهي. مارڪس چواڻي ”عوام تاريخ جو خالق آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سوويت يونين  تاريخ جي خالق عوام کي پٺي ڏني جنھن سبب نه صرف سوويت يونين کي بچائي نه سگهيا پر سڄي دنيا کي يونيپولر  ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڄ دنيا ۾ مظلوم طبقن ۽ قومن جو ڪوبه طرفدار نه رهيو آهي. دنيا جون سموريون فاشسٽ ۽ استحصالي قوتون متحرڪ ۽ متحد آهن پر مظلوم طبقن ۽ قومن جو ڪو اوهي واهي ناهي رهيو.

اسان وٽ وري ڪميونسٽ تحريڪ جي فڪري اڳواڻي پنجابي ۽ مھاجر دانشورن جي هٿ ۾ هئي، جن جو سماج سان رشتو گهٽ سوويت يونين سان وڌيڪ هو ۽ سوويت يونين جي فڪري ۽ عملي تشريح کان وڌيڪ سوويت يونين جي پئسي تي نظر وڌيڪ هئي، جنھن ڪري هتان جي سماجي حالتن جو پارٽي صحيح انداز ۾ تجزيو نه ڪيو يا ڪرڻ ئي نه چاهيو ۽ هتان جي قومي استحصال ۽ قومن جي وجود جي باري ۾ سندن رويو ڪنھن به ريت جماعت اسلاميءَ جي مُلي کان وڌيڪ نه هو. هتان جي ماڻهن ڪميونسٽ تحريڪ سان پنھنجو ڪڏهن به رشتو نه جوڙيو. نتيجي ۾ سوويت يونين جي زوال سان هتان جي ڪميونسٽ تحريڪ ”ايئن غائب ٿي ويئي ”جيئن گڏهه جي مٿي تان سِڱَ“.

ان ڪري هن وقت طبقاتي تحريڪن جو نئين سري سان جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين سماج ۾ استحصال موجود آهي، تيستائين سماج ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، اينگلز چواڻي ”انسان جو مستقبل يا ته سوشلزم ۾ آهي يا بربريت“ تاريخ جي هن موڙ تي سوال هي آهي ته جيڪڏهن سوشلزم به ناڪام ٿي ويو ته باقي انسان ذات لاءِ بچي به ڇا ٿو؟ ان ڪري خصوصاً هتان جي کاٻي ڌر جنھن سڄي زندگي قومن جي وجود ۽ آزاديءَ کان انڪار ڪيو آهي، کي پنھنجي جائزي وٺڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ هتان جي حالتن جو جيڪو جائزو سائين جي ايم سيد پيش ڪيو آهي، اهو جائزو حالتن سان بلڪل برميچي بيٺو آهي. سائين چيو ته” سوشلزم  قومي آزاديءَ کان سواءِ لاڀائتو نه ٿيندو.“ ڇاڪاڻ ته هتي قومن جي آزاديءَ جو سوال اُڀريل تضاد آهي جيستائين قومي سوال حل نه ٿيندو تيستائين طبقاتي سوال به حَلُ نه ٿيندو. ان ڪري هتان جي کاٻي ڌر کي جيڪڏهن واقعي به تبديلي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته پوءِ وقت اڄ به ويو ناهي، طبقاتي تضاد موجود آهي، ان کان انڪار ناهي پر قومي تضاد اڃان به سخت ٿيو آهي. ان جي حل لاءِ حڪمت عملي جو سوال اهم آهي ۽ اهو حڪمت عمليءَ جو سوال قومي سوال سان مشروط آهي. تاريخ جي هن موڙ تي اڄ به حالتن جي تبديلي لاءِ سماج مسيحائن جو منتظر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي