17 اڱارو , جنوري 2017

سياسي جماعتن جون سرگرميون ۽ پيڙهيل طبقو

صاحب خان ڀٽي

پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف،  نواز ليگ ۽ ٻيون کوڙ ساريون سياسي جماعتون ايندڙ اليڪشن لاءِ تيارين ۾ مصروف ٿي ويون آهن، پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پارليامينٽ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ننڍي چونڊ ۾ حصو به وٺي رهيا آهن،  جڏهن ته پنجاب ۾ فيصل حيات به پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن بابت لياقت جتوئي چيو  آهي ته پيپلزپارٽي ۾ فيصل حيات جي شموليت سندس سياسي آپگهات آهي،  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته  پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پنهنجا پير ڪيتري حد تائين ڄمائي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به ڪيترائي جلسا ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ به ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي  هئي ۽ نواز ليگ سان مقابلو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ نواز ليگ اڳواڻ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هو ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي اڪيلي سر حڪومت قائم ڪري سگهيا پئي پر هنن تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته تحريڪ انصاف مان نواز ليگ سرڪار تمام گهڻو خوفزده آهي، هڪ طرف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معاملي جي شفاف جاچ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ته طرف وري پاناما جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته تمام جلد عمران خان سنڌ جو  دورو ڪندو، ٻئي طرف وري پيپلزپارٽي جي اڳواڻن به پنجاب ڏانهن لاڙو ڪيو آهي.

مطلب ته اڄڪلهه پيپلزپارٽي  جو سڄو ڌيان پنجاب تي ئي آهي ته جيئن چونڊن کان اڳ پنجاب ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري سگهي جيئن سنڌ ۾ ڪيترائي اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري چڪا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي پوزيشن تمام گهڻي مضبوط آهي، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته اها ايندڙ اليڪشن ۾ ڪراچي ۾ سيٽون ضرور حاصل ڪندي، جنهن جو اندازو ڪراچي ۾ پ پ جو قلعو سڏيو ويندر لياري واري علائقي ۾ عمران خان جي هاڻوڪي دوري مان به لڳائي سگهجي ٿو ۽ جيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ اتي پهتا هئا، جن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته لياري ۾ سندس حمايتي موجود آهن، ماضي ۾ ته لياري کي پ پ جو قلعو سڏيو ويندو هو پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي لياري کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو هو ۽ اتان جو حالتون به تمام گهڻو خراب ٿي ويون هيون ۽ اهي افواهون ان وقت گردش به ڪري رهيون هيون ته لياري ۾ آپريشن هڪ تنظيم کي خوش ڪرڻ ڪيو ويو، بهرحال هن وقت لياري جون حالتون ماضي جي ڀِيٽ ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ بهتر  آهن پر اڃا به لياري جون حالتون مختلف وقتن تي خراب ٿينديون رهن ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو لياري ۾ هٿ وٺي دهشتگردن کي ڇوٽ ڏني وئي هئي ۽ انهن کي بي گناهه ماڻهن کي مارڻ جو لائسنس ڏنو  ويو هو. بهرحال هن وقت تائين به لياري ۾ ڪا به پارٽي مضبوط نه ٿي سگهي آهي پر مستقبل بابت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن لياري واسين کي امن امان سان گڏ سموريون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون ته پوءِ لياري ۾ پ پ مخالف جماعت پنهنجا پير مضبوط ڪري وٺندي.

بهرحال جهڙي ريت پيپلزپارٽي لياري سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ  بنيادي سهولتون  نه پيون ڏئي، جنهن سسبب ماڻهو ڪيترن ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن آصف علي زرداري ڏيهه واپس آيو هو ته ان وقت جيالن طرفان  به سندس شاندار آڌر  ڀاءُ ڪيو ويو هو پر جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي پٽ سميت پارليامينٽ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت ڪجهه اڳواڻن کي مايوسي به ٿي هئي، بهرحال هن وقت سنڌ ۾ ته پپيلزپارٽي ڪافي حد تائين مضبوط آهي پر پنجاب ۾ سندس پوزيشن ڪمزور آهي، ڀلي کڻي فيصل حيات پيپلزپارٽي ۾ واپسي ڪئي هجي پر نواز ليگ جهڙي ريت پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي شايد پيپلزپارٽي ڪڏهن به اهڙا ترقياتي ڪم سنڌ ۾ نه ڪرائي سگهي آهي، پر ان باوجود سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي، هن دفعي جيڪي چونڊون ٿينديون ان ۾ شايد هن ڀيري سمورن پارٽين کي سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سموريون پارٽيون صوبائي سطح تائين محدود ٿي ويون آهن، نواز ليگ صرف پنجاب ۾ مضبوط آهي ۽ سياستي ڳٺ جوڙ سبب سنڌ ۾ هن وقت تائين پنهنجا پير ڄمائي نه سگهي آهي، ڪجهه اڳواڻن جن نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي انهن به نواز ليگ کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي، ممتاز ڀٽو جڏهن نواز ليگ ۾ هو ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه نواز ليگ جون سرگرميون ڏٺيون ويون هيون پر جڏهن کان نواز سرڪار اقتدار ۾ آئي آهي تنهن ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين نوازشريف سنڌ ۾ ڪو وڏو جلسو نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن سبب ايندڙ اليڪشن ۾ نواز سرڪار کي ڏکيائن کي منهن ڏسڻو پئجي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تمام جلد سنڌ جو دورو ڪندو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عمران خان ڪهڙي ريت  سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڏياريندو ۽ سنڌ  سان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو ته جئين چونڊن ۾ سندس پوزيشن سنڌ ۾ مضبوط ٿي سگهي،  جيڪڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هن وقت سنڌ ۾ پنهنجا پير مضبوط  ڪيا ۽ انهن ماڻهن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪيو جيڪي بنا ڪنهن پارٽي ۾ به شموليت جي پنهنجي تڪ تان ڪامياب ٿي سگهن ٿا ته پي ٽي آءِ به سنڌ ۾ مضبوط ٿي ويندي. رهي ڳالهه جي يو آءِ جي ته سنڌ ۾ واحد پارٽي آهي جيڪا هن وقت پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ منهن ڏئي رهي آهي ۽ هر هڪ ٿيندڙ چونڊ ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو اميدوار بيهاري رهي آهي ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ اڳ کان وڌيڪ ووٽ کڻي رهي آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ماڻهو موسم سان گڏ تبديل ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هن وقت سنڌ سميت سڄي ملڪ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪرپشن ڪندڙن کي ڪڏهن به سزا نه ملي سگهي آهي، جن به ماڻهن ڪرپشن ڪئي، اهي  ٻين ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا آهن ته جئين هو قانون کان بچي سگهجن،

هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران جو ڪو خاص ڌيان سنڌ ڏانهن نه رهيو آهي پر اڪثر سندس ڪراچي آمد ٿيندي رهي آهي ۽ هو مختلف وقتن تي ڪراچي ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي پر اڄڪلهه سندس پارٽي جا اڳواڻ وڏي دعويٰ سان چئي رهيا آهن ته تحريڪ انصاف سربراهه سنڌ ۾ دورا ڪندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هڪ طرف پاناما پيپرز تي ايندڙ اليڪشن لاءِ تياري ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف وري حڪمرانن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جون به ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي ٻنهي پاسن کان فائدو پهچي رهيوآهي. جيڪڏهن چونڊن کان اڳ پاناما پيپرز ڪيس حل نه ٿيو ته پوءِ پنجاب ۾ عمران خان جي اڃا وڌيڪ مضبوط پوزيشن ٿي ويندي اهو صرف ان ڪري ئي ممڪن ٿيندو جو هن وقت نواز ليگ عمران خان کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه نظر نه پئي اچي، پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري به پارليامينٽ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري هڪ دفعو ٻيهر سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، هاڻ صرف ڏسڻو اهو آهي ته پ پ اهڙا ڪهڙا قدم ٿي کڻي ته جئين پنجاب جا چوڌري ڀائر ۽ ٻيون اهم شخصيتون به پ پ ۾ شموليت ڪري وٺن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر پرديش جي چونڊ ۽ ڪانگريس جي بقا

ڀارت جي سڀ کان وڏي جماعت ڪانگريس ملڪ جي سياست تي لڳ ڀڳ 65 سال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي