21 اڱارو , فيبروري 2017

سنڌي نياڻين جي تعليم ۾ رنڊڪ ڇو؟

منان چانڊيو

ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني ملڪن ۾ جيڪي ڪروڙين ۽ اربين انسان رھن پيا انھن جي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آھي.۽ اھا پڻ حقيقت آھي ته عورت گھر جي سونھن.سوڀيا آھي.جيڪڏھن عورت گھر ۾ نه ھوندي ته اھو گھر اداس.ٻسو.بي ترتيبو.ڊانوان ڊول ۽ ڄڻ ته مرد کي کائڻ ايندو.چوڻ جو مطلب تہ عورت کان بغير گھر جي ھر ھڪ شئي ٽڙيل پکڙيل نظر ايندي.نه صرف اھو پر ايشيا کنڊ ھجي يا يورپ توڙي آفريڪا يا وري لاطيني آمريڪا.۽ آسٽريا يا اوشنيان.سڀني کنڊن ۾ جيڪي قومون.قبيلا.نسل.ذاتيون.برادريون ۽ طبقا رھن پيا انھن جي سماجن ۾ عورت مردن سان ھر روزگار واري مامري ۾ پوءِ زراعت ھجي يا ڪارخانن ۾ مزدوري.آفيسن ۾ نوڪريون ھجن يا وري چوپائي مال جي سار سنڀال ھجي.

انھن سڀني پيداواري وسيلن جي حاصلات ۾ عورتون مردن سان گڏجي پنھنجي پنھنجي وت وس موجب رول پلي ڪري گھر جي چرخي کي ھلائن ٿيون.ظاھر آھي ته سنڌ جيڪو زرعي خطو آھي، ان ۾ آبادي جو اٽڪل اسي سيڪڙو زراعت سان لاڳاپيل آھي، ان ڪري اسان جون عورتون رونبو.لاب.وونئڻن جو چونڊو.ڪمند جي واڍي ڇلائي. سبزي جي پوکائي گُڏ.توڙي پنھنجي چوپائي مال لاءِ گاھ پٺو ڪرڻ ۾ عورت جو وڏو ھٿ آھي.ان کانسواءِ ريڊي ميڊ فيڪٽرين ۽ چوڙين جي ننڍڙن گھريلو ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ کانسواء سرن جي بٺن ۾ پڻ عورتون ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون.اھڙي ريت مختلف آفيسن ۾ پوء کڻي اھي سرڪاري ھجن يا خانگي انھن ۾ پڻ عورتن جو ھئڻ نظر ايندو آھي.انھن جسماني ۽ ذھني ڪمن ڪارن ڪرڻ کانسواءِ اسان جون سنڌي نياڻيون پرائمري کان ويندي ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جھڙن اعلي تعليمي ادارن ۾ پڻ ھزارين لکين نياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيون آھن.چوڻ جو مطلب ته انساني زندگي سان تعلق رکندڙ جيڪي به شعبا آھن انھن سڀني ۾ عورتن جو اھم ڪردار يا پورھئي ڪرڻ واري سگھه کان انڪار ڪرڻ يا نظر انداز ڪرڻ بيوقوفي ٿيندي.ھونئن ته سنڌي عورتن کي پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ دشواريون سامھون اينديون آھن.

پر سڀ کان وڌيڪ سنڌي نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ واري مثبت ۽ نيڪ جذبي اڳيان ڪي منفي سوچ رکندڙ فرد ۽ ڌريون ڄڻ ته شيھي جي ديوار بنجي ڪات ڪھاڙا ھٿ ۾ ڪري نياڻين کي ھيسائڻ کان ويندي قتل ڪرڻ تائين وڃي پھچندا آھن.جنھن جو تازو مثال نائلا رند جو پراسرار موت جو ڏئي سگھجي ٿو.اڃان نائلا واري قتل جي اصل حقيقت ظاھر ڪو نه ٿي آھي ته وري تعلقي ميھڙ جي ڪاڇي واري ھڪ ننڍڙي شھر فريدآباد جي رھواسي غريب والدين جي نائين جماعت پڙھندڙ صدوران گائينچو کي ڪجھه دقيانوسي ۽ مدي خارج سوچ رکندڙ ذھن جيڪي سندس ئي مائٽ آھن.

اھي ھن جي ننڍڙي ۽ حسين زندگي جا ويري بنجي ويا آھن.ھتي اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جھڙي آھي ته جنھن ڏينھن يعني اٺ جنوري تي تعليم جو عالمي ڏينھن ملھائجي رھيو ھيو، اتي ھڪ طرف سنڌ جي تقريبن سڀني شھرن جي تعليمي ادارن ۽ عام جاين تي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف پرگرام ٿي رھيا ھئا، اتي وري فريدآباد جو ھڪ ڪٽنب تعليم جي زيور کان پنھنجي صدوران، کي روڪڻ وارن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ھئو. اسان کي حيرت ٿي ٿئي ته ھن ڪمپيوٽر.انٽرنيٽ وغيرهه واري دور ۾ چند جاھل ۽ ڦڏائي ماڻھو ڀوتارن جي چچڪر ۽ ڏڍ تي ھڪ نياڻي جو زبردستي رشتو پنھنجي ھڪ جاھل ڇوڪري لاءِ گھري رھيا آھن، اھڙو غلط رشتو ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي صدوران جي ڪراڙي والد امڙ ۽ نوجوان ۽ معصوم ٻارڙن جو جيئڻ حرام ڪندي ھنن کي گھر کان ڄڻ ته بي دخل ڪري ڇڏيو آھي.۽ اھو سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به علائقي جا چونڊيل عيوضي سردار.تمندار ۽ انتظامي مشنري متاثر خاندان جو ڪو به سھارو بڻجي ڪو نه سگھيا آھن.اڄ جڏھن ھيءُ سٽون آءُ لکي رھيو آھيان تہ صدوران جا گھر ڀاتي پھريون فريدآباد پوءِ ميھڙ ۽ ھاڻي حيدرآباد جھڙي علم.ادب.عقل ۽ شعور واري جذبي سان سرشار ماڻھن جي شھر ۾ عدل ۽ انصاف لاءِ واڪا ڪري رھيا آھن پر افسوس ته ھنن کي تنگ ڪندڙن جو ڪو به وار ونگو ڪو نه ٿي سگھيو آھي. ٻي ڳالھه ته ھي دور جيڪو پنھنجي پر ۾ جمھوري دور آھي ۽ ان کانسواءِ ميڊيائي دور پڻ آھي.۽ اھا به حقيقت آھي ته ھر ھڪ انسان ۽ ان جا گھر ڀاتي پاڻ ۾ گڏيل صلاح مشوري ڪرڻ کانپوءِ جيڪو به پنھنجي لاءِ بھتر ڪم يا عمل ڪن ان ۾ ھو سو سيڪڙو آزاد ۽ خودمختيار آھن.

اھڙي آزادي ۽ خودمختياري جي اجازت ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ پاڻ واري مٺڙي ملڪ جي آئين.قانون موجب وقت جي حاڪمن ۽ انتظامي عملدارن جي ذميواري آھي.۽ پڻ انساني حقن ۾ اھو ڄاڻايل آھي ته ھر ھڪ فرد پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.ھونئن ته سنڌ سرڪار سنڌي ماڻھن کي امن امان روزگار ۽ ٻين زندگي جي اھم مامرن ۾ ڪو به حقيقي ۽ مناسب رليف يا فائدو ڪو نه ڏئي سگھي آھي.

ڇو ته اسان جي حڪمرانن کي عوام ۽ ووٽرن جي جائز ۽ قانوني حقن ۽ گھرجن جي پورائي ڪرڻ کان وڌيڪ پنھنجي ڀڀ ڀرڻ جي ڳڻتي لڳل آھي.جنھن جي حاصلات لاءِ ھو ڏينھن رات ھڪ ڪري ڪٿان به ۽ ڪھڙي به ريت ڏوڪڙن جا ڍڳ ڪٺي ڪرڻ ۾ مگن لڳا پيا آھن.خير اھي اھڙيون ڳالھيون آھن جن جي پچار ڪرڻ ڪروڙين سنڌين جو حق آھي ته ھو پنھنجي تڪ جي چونڊيل عيوضين جي گريبان مان جھلي اھو پڇن ته اوھان جيڪي اسان سان ووٽ وٺڻ وقت واعدا ڪندي سبز باغ ڏيکاريا ھئا ان جو ڇا ٿيو آھي، آخر ۾ صدوران جا ڪراڙا والدين ۽ ڀائر سرڪار سڳوري کان ڪا نوڪري.محترمه بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪارڊ.پنھنجي گھر لاءِ بجلي.رستو.مٺو پاڻي.گئس.وغيره جي گُھر ڪو نه ٿا ڪن ھو صرف پنھنجي صدوري نياڻي جي تعليم ۾ رڪاوٽ بنجندڙ علائقي جي ڀوتارن جي دادلن واٺن ۽ ٽائوٽن کي لغام ڏيڻ لاءِ گذريل ھڪ ھفتي کان وٺي جنوري جي سرد راتين ۽ ڏينھن ھوندي پڻ کليل آسمان ھيٺ وس پارن ڏانھن واھر لاءِ واجھائي رھيا آھن.اسان کي اھو ڪو نه ٿو ڀروسو ٿئي ته سنڌ سرڪار کين انصاف ڏيندي. ان لاءِ سنڌ جي سڀني سياسي سماجي ڌرين سول سوسائٽي، اديبن، دانشورن، ساڃاھ وندن ۽ باشعور.باضمير.باغيرت ۽ باھمت ماڻھن کي گھرجي ته ھو صدوران جي دانھن کي ورنائي سندس مٿي تي شفقت جو ھٿ رکي کيس اھو احساس ڏياريندي پڻ تحفظ ڪن ته جھڙو ھن جو نالو صدوران آھي اھڙي ھو اڳتي ھلي ڪردار ۽ عمل ۾ پڻ صدوري ٿي اھو ثابت ڪري ته ھو نه صرف پنھنجي گھر ڀاتين جو سھارو بنجي سگھي ٿي پر سنڌ جي ٻين ھزارين لکين نياڻين جي پڻ ڀرجھلو ٿي سگھي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي کانپوءِ آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي