17 اڱارو , جنوري 2017

اسان جيئڻ ٿا چاهيون، اسان کي جيئڻ ڏيو

خالدا  ذلف

اسان جو مرداڻو سماج ”عورتاڻو“ ٿي نٿو سگهي. عورت نيچ ۽ هيچ آ جيڪا مرداڻي سوچ ۽ طاقت سان وڙهي نٿي سگهي ڇو ته عورت آهي. اُها ڪارنهن جي تهمت مرد جي منهن تي ته ملي نٿي سگهجي پر پاڻ اهڙي ڪنهن تهمت تي قتل ٿي وڃي ٿي. عورت ڪڏهن به ڪارنهن جي الزام ۾ مرد کي قتل ناهي ڪيو. عورت ڪاري جي الزام تي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه سمجهندي فرار ٿئي ٿي يا خودڪشي ڪري ٿي پر مرد تي اهڙو الزام لڳي ته پوءِ به هو سينو تاڻي وچ بازار ۾ گهمي ٿو.

سنڌ جي صوفياڻي مزاج تي اها ڪارنهن مسلسل لڳي پئي، آخر ڪير انهيءَ کي روڪيندو؟ ۽ عورت ۽ مرد جو فرق ڪير مِٽائيندو. سوسائٽي جيڪا سنڍ ٿي وئي آهي، انهيءَ کي ڪير جياريندو، ڪير ڪنهن کي ٻڌائيندو ته مرد ۽ عورت ۾ ڪوئي فرق نه آهي. ٻئي انسان آهن. انسان کان جي خطا ٿي ته هو فرشتو ته نه آهي. مرد به نه هو هو عورت به نه هئي، خطا ته ٿي وئي. ازالو ڇا ٿئي، ڪير فيصلو ڪندو، حيات ۽ موت جي وچ ۾ مفاصلو ڪيترو شيخ اياز چواڻي ”ڇو جِيئون جُٺِ ۾“. هن سماج جي الميي تي ڳوڙها ڳاڙي سگهجن ٿا، ڦٿڪي سگهجي ٿو جيئن مرد ذهن مان نڪري وڃي ته پوءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو پر جي پراڻا آهيون اسان ڪوئي حاصل مقصد ماڻي نه ٿا سگهون. مرداڻي سماج ۾ عورتون جي نٿيون سگهن. ماري ڇڏيو انهن کي ڪارنهن جو الزام ڏئي، ڇو ته مرد ٿي نٿيون سگهن. توهان جي سوچ ۽ اسان جي سوچ ملي ئي نٿي، ڇا ڪجي؟ هن سماج کي ڀلا پوءِ دفن ڇو نه ڪجي. نياڻيون نماڻيون اسان جون نياڻيون قتل ڇو نه ڪجن؟ ڇو جيئَنِ جڏهن انهن کي بنيادي حق به نه ملي ۽ والدين بي وس ٿي وڃن. انهيءَ بي وسيءَ کي ڪهي ڇو نه ڇڏجي ۽ نياڻين کي آزاد ڇو ڪونه ڇڏجي؟ ڪِيو هُن جي پيار ڪنهن سان اهو ڏوهه ڪهڙو، تو نه ڪيو هو ڪنهن سان پيار پرين، هاڻي ڇو اتاولو ايڏو پرين، ڇڏي ڏي ڇڏي ڏي، هن کي هلڻ ڏي، منهن آ، نياڻي ڪيو آ پيار هن سان توکي ساڙ ڪهڙو، ڪنهن جي به زندگيءَ ۾ دخل اندازي تنهنجو ڪم نه آهي، وڃڻ ڏي وڃڻ ڏي هن کي جيئڻ ڏي تون ڇو پريشان آن تنهنجو، ڪهڙو ٻيڙو ٻڏو؟ ها جي ڏٺي ٿيس سماج ۾ اهو منهنجو مسئلو، اوهان جو ڇا وڃي. هاڻي وڃڻ ڏيو، وڃڻ ڏيو، جتي ٿا چاهيون اتي ئي وڃڻ ڏيو. اوهان کي ڳالهه وڻي نه وڻي اسان جيئڻ ٿا چاهيون اسان کي جيئڻ ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر پرديش جي چونڊ ۽ ڪانگريس جي بقا

ڀارت جي سڀ کان وڏي جماعت ڪانگريس ملڪ جي سياست تي لڳ ڀڳ 65 سال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي