18 اربع , جنوري 2017

حُسن ڪارڪردگي

راهب سولنگي

اهڙي حڪومت جي حسن ڪارڪردگي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.  جنهن ٽن سالن ۾ 24 ارب ڊالر جو غير ملڪي قرض ورتو ايتري وڏي رقم ڪٿي خرچ ٿي آهي؟ ان جي تفصيل جا 20 ڪروڙ عوام کي ته ڇا پر عوام جي چونڊيل نمائندن کي به علم آهي. ڪنهن به قسم جو قرض وٺڻ کان پهريون ان کي ڪاغذن اندر شمار ڪيو ويندو آهي ۽ اهو چيو ويندو آهي ته ادائيگيون ڪرڻيون آهن. ملڪ مٿان قرض کي گھٽائڻو آهي. پهريون ورتل قرض جي وياج جي ادائگي ڪرڻي آهي. پر قرض وٺڻ جي باوجود به ترقي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. حيران ڪندڙ اها ڳالهه آهي عالمي ادارا ۽ خود حڪومتي ادارن جي طرف کان ٻڌندا ٿا اچون. ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيب ، ايف آءِ اي جي طرح پنهنجا ادارا آهن. انهن ادارن ۾ ڪنهن جي مجال ته حڪومت جي خراب ڪارڪردگي ڪري اسٽيٽ بئنڪ جي ساليانو رپورٽ 2016ع ۾ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي جو سفر ڪاميابي سان شروع آهي. ٽن سالن کان اهو ئي رينگٽ هلندو ٿو رهي ته زرِ مبادله جا ذخيرا تاريخ جي بلندين تي پهتل آهي. 20 ڪروڙ عوام جي لاءِ اهي ذخيرا ڪهڙي ڪم جا؟ مهانگائي جي شرح جي ڪارڪردگي 2.9 سيڪڙو تائين پهتي آهي. ڪو عقل جو انڌو ئي تسليم ڪندو ته مهانگائي گھٽ ٿي آهي. ڇا اٽو، چانور سستو آهي؟ ڇا ٽرانسپورٽ ريلوي جا ڪرايا گھٽ ٿيا آهن؟

ڇا ماني سستي ٿي آهي؟ ڇا ڊاڪٽرن ، اڪيڊمين، اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي فيس گھٽ ڪئي ويئي آهي؟ ڇا درزين، ڌوٻين، ججن پنهنجا ريٽ گھٽ ڪيا آهن؟ ڇا رشوت جي رقم ۾ گھٽتائي ٿي آهي؟ ڇا پلاٽ ۽ جائيداد سستي اگھه ۾ ملي رهيون آهن. ڇا دوائن، يوٽيلٽي بلن ۾ گھٽتائي ٿي آهي؟ ڇا ڪفن ، دفن جو سامان سستو ڪيو ويو آهي؟

ڇا حج ۽ عمري جي ٽڪيٽ ۾ گھٽتائي آهي؟ بجيٽ خسارو پهريون به هئو ۽ هاڻي به آهي. مسلسل پوئتي سال جي بعد به بجيٽ جي ڊي پي جو 4.6 سيڪڙو آهي ۽ در آمدات ۽ برآمدات جو فرق ٿي رهيو آهي. گذريل مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ هي فرق 9.3019 ارب ڊالر آهي. چئن مهينن ۾ 15.751 ارب ڊالر جو مال گھرايو ويو. جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن اسان جي ملڪ مان 6.432 ارب ڊالرن جو مال خريد ڪيو. حد کان وڌيڪ ٽيڪسن، بزنس ڪاسٽ وڌيو آهي. باقي توانائي جو بحران پنهنجي جڳهه تي قائم آهي. حڪومت ٽن سالن ۾ ٽريڊ پاليسي جي تحت 2018ع تائين برآمدات جو ساليانو حدف 35 ارب ڊالر مقرر رکيو آهي. ٻاهرين ملڪن سان واپار تمام گھٽ ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شق ناهي ته حڪمرانن کي رڳو پنهنجا مفاد وڌيڪ عزيز آهن. انهن جو سڄو توجهه ۽ سڄي ڪوشش پاناما ليڪس ڪيس کي ختم ڪرڻ ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ڪيس ۽ حڪومت جو تبديل ٿيندڙ موقف

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، حڪمران ڌر به …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي