23 اربع , مئي 2018

پ پ پنجاب ۾ ضرور چونڊون کٽيندي: بلاول ڀٽو زرداري

bilawalاسلام آباد(ع آنيوز) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ هتان چونڊون کٽڻ ضروري آهي. پ پ پنجاب ۾ چونڊون کٽيندي. اسلام آباد جي زرداري هائوس ۾ پ پ گوجرانوالا جي ٽڪيٽ هولڊرن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ غريبن جي پارٽي آهي ۽ غربين ۽ ترقي پسندن جو آواز بڻجي ٿي. هن چيو ته ماڻهن ان وقت ترقي ڪري سگھن ٿا جڏهن انهن کي روزگار ملندو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ماڻهن کي روزگار ڏنو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا. بي بي کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن پاران ان ڪري نشانو بڻايو ويو جو هو غريبن کي ترقي ڏيڻ ڪندي ڏسڻ چاهيندي هئي. پ پ اليڪشن کٽي بينظير ڀٽو شهيد جي خواهشن مطابق پر امن ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبيڪا جي موت افسوس جوڳو آهي، جنرل جوزف جو تعزيت جو اظهار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جوزف پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي لاڏاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے