24 آچر , سيپٽمبر 2017

ڪرڪيٽرن کي لاهور وڃڻ کان ناهي روڪيو: فيڪا

ficaڪراچي (اسپورٽس نيوز) فيڊريشن آف انٽرنيشنل ڪرڪٽرز ايسوسيئيشن (فيڪا) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سخت تنقيد تي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته رانديگرن کي لاهور ۾ پي ايس ايل جو فائنل کيڏڻ کان ناهي روڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن پنهنجي ردعمل ۾ چيو هو فيڪا لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ جي فائنل بابت سيڪيورٽي معاملن کي شڪي قرار ڏيندي ڪرڪيٽ، خاص طور تي پاڪستان کي گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن کانپوءِ فيڪا پنهنجي تازي بيان ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته اسان پي ايس ايل فائنل لاءِ سيڪيورٽي جي حوالي سان اي ايس آءِ کان صلاح ورتي. رانديگرن جي ايجنٽن کي لاهور ۾ کيڏڻ کان روڪيو ناهي ويو پر انهن کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته جيئن اهي پنهنجي طور تي قدم کڻن. فيڪا موجب دنيا جي مختلف ملڪن جا رانديگر حفاظتي انتظامن جي حوالي سان ڄاڻ لاءِ اسان ڏانهن واجهائيندا آهن. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد عامر جي گهر واري جو پنهنجي وَر کي محبت ڀريو پيغام

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر ۽ ان جي گهر واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي