25 اڱارو , جولاءِ 2017

فلم فيئر ايوارڊز ۾ پاڪستاني فنڪارن جي شرڪت تي ڀارتين کي اعتراض

pak-actorsممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سڀ کان وڏي فلم ميلي ۾ پاڪستاني فنڪارن جا نالا ايندي ئي ڀارت ۾ ساڙَ واري لهر پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي. 14 جنوري تي ٿيندڙ فلم فيئر ايوارڊز ۾ فواد خان، راحت فتح علي خان، عاطف اسلم، قرت العين بلوچ کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڀارتين اعتراض وارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان هڪ ڀارتي فلمساز جو چوڻ هو ته اسان اهڙي ايوارڊ شو ۾ نه وينداسين، جتي پاڪستانين کي گهرايو وڃي ۽ نه وري ڪو ايوارڊ وٺنداسين، جڏهن ته بي جي پي ترجمان شائنا نانا چيو آهي ته حالتون ايتريون خراب آهن جو پاڪستان کي دهشتگرد رياست قرار ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ هتي پاڪستاني فنڪار ڪيئن ايندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي ٻارن جي وراثت ۾ پئسن بجاءِ گهر ۽ سٺي تعليم ڇڏيندس: شاهه رخ خان

ممبئي(شوبز نيوز) اهو دنيا جو دستور آهي ته والدين جي مرڻ بعد انهن جي دولت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي