17 اڱارو , جنوري 2017

ماهرا خان جي فلم ”رئيس“ کي رليز کان اڳ شيو سينا جون ڌمڪيون

raeeesممبئي (شوبز نيوز) هندو انتهاپسند تنظيم شيو سينا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي نئين رليز ٿيندڙ ڀارتي فلم ”رئيس“ جي اسڪريننگ نه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. رپورٽن موجب شيو سينا شاهه رخ ۽ ماهرا خان جي فلم ”رئيس“ جي مشهوريءَ ۾ رنڊڪون وجهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ فلم جي اسڪريننگ ڪرڻ تي پروموٽرن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن. ان حوالي سان فلمن جي وڏي پروموٽر اڪشي راٺي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي شيو سينا ڇتيس ڳڙهه ونگ طرفان اهڙا خط مليا آهن، جن ۾ فلم ”رئيس“ جي اسڪريننگ ڪرڻ جي صورت ۾ سخت ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

atif

عاطف اسلم ڇوڪريءَ کي هراسان ڪندڙ نوجوان تي سَت سريون ٻڌائي ڇڏيون

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪراچي ۾ (آءِ بي اي) طرفان ڪرايل ڪنسرٽ ۾ شهر جي نوجوانن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي