26 جمعو , مئي 2017

  صدارتي چونڊن دوران هيڪنگ ۾ روس ملوث هو: ٽرمپ

donald-trump

نيويارڪ(ع آنيوز) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته 2016ع ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊن بابت هيڪنگ ۾ روس ملوث هو. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته رڳو روس نه پر ٻيا به ڪيترائي ملڪ آمريڪا جي هيڪنگ ڪندا آهن. هن چيو ته اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندس، جڏهن ته منهنجي ڪاروبار جا معاملا منهنجا پٽ ڏسندا. ڊونلڊ ٽرمپ چيوته روس بابت انٽيليجنس رپورٽن تي نه ڳالهائيندس. روس بابت مخالف افواهون پکيڙي رهيا آهن. هن چيو ته روس کي دوست سمجھان ٿو، داعش خلاف گڏجي وڙهي سگھون ٿا. هن الزام هنيو ته اوباما انتظاميا داعش کي جنم ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته روس جو قرضي ناهيان نه ئي اتي منهنجا اثاثا آهن. ڪاروبار ۾ ڪڏهن روس سان ڏيتي ليتي ناهي ڪئي پر روسي صدر پيوٽن جيڪڏهن مونکي پسند ڪري ٿو ته اهو اثاثو آهي. هن چيو ته انٽيليجنس رپورٽون بي بنياد آهن، مون روس سان ڪا به ڊيل ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Riyaz Pirzasda

وزير اعظم رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي