15 جمعو , ڊسمبر 2017

شريف خاندان اثاثا قبولي ورتا، نواز شريف ڪوڙ ڳالهايو هو: اسد عمر

asad-umarاسلام آباد(ع آنيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف قوم سان ڪوڙ ڳالهايو هو، شريف خاندان هاڻي پنهنجا سمورا اثاثا قبول ڪري ورتا اهن. سماء ٽي وي جي پروگرام   ”نديم ملڪ لائيو“ ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ  اڳواڻ اسد عمر چيو ته شريف خاندان جي پرڏيهه ۾ آف شور ڪمپنين جي حقيقي مالڪياڻي مريم صفدر آهي، ڪفالت هيٺ ٻارن جا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ ڏوهه آهي. قانون مطابق چونڊ وڙهڻ لاءِ هر سال پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا آهن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن کي فارغ به ڪري سگھجي ٿو. هن چيو ته شريف خاندان اڄ تائين پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪيا هئا پر پاناما ڪيس عدالت ۾ وڃڻ کانپوءِ انهن سمورن اثاثن جي ملڪيت کي قبول ڪري ورتو آهي. پاناما ڪيس جو فيصلو ڪنهن ٻئي کي نه پر سپريم ڪورٽ جي ججن کي قانوني طور ڪرڻو آهي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے