25 اڱارو , جولاءِ 2017

ماتلي واسي نينگر دل جي سوراخ واري بيماري ۾ ورتل، مائٽ علاج ڪرائڻ کان قاصر

matli-dil-j-soragh-j-mrz-m-wrtl-g-ma-hnjon-hary-media-sa-galhandyماتلي(ن ع آ) ماتلي جي يوسي هاليپوٽا جي ڀيل ڳوٺ ۾ 16 مهينن جو نينگر دلدار ڀيل دل ۾ سوراخ هئڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل  آهي. جڏهن ته نينگر جا وارث ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر جي پيءٌ گل ڀيل ٻڌايو ته سندس نينگر کي دل ۾ سوراخ آهي جنهن جون هنن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن مان مال متو وڪڻي ٽيسٽون ڪرايون جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو ته نينگر جي سرجري ٿيندي جنهن تي لکين روپيا خرچ ايندو جيڪو هو غريب نٿا ڀري سگهن. نينگر جي امڙ سماني زاروقطار روئيندي ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ سان بي انتها پيار ڪري ٿي غربت سبب هن جو نينگر سندس هٿن مان ويندي ڏسي نٿي سگهان. هن چيو ته بدين ضلعي جو چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو به هن علائقي جو آهي ان ڪري آئون علي اصغر هاليپوٽو، ڊي سي بدين ، اي سي ماتلي توڙي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ٿي ڪريان ته منهنجي نينگر جو علاج ڪرائي سندس جگر جي ٽڪري کي بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد تي قربانيون شروع ٿينديون، جولاءِ جو مهينو ڏکيو هوندو: منظور وساڻ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته جولاءِ جو مهينو ڏکيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي