26 جمعو , مئي 2017

جسٽس سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز سڀاڻي ٿيندي، حڪومت پاران هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان

saeed-uz-zaman-siddiqui-102 ڪراچي(ع آنيوز) اڳوڻي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز سڀاڻي ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ سرڪار هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جسٽس سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سرڪاري طور هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيوآهي. هُن سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي جسٽس سعيد الزمان صديقي جي گھرڀاتين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جسٽس سعيد الزمان صديقي جي جي تدفين جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. ٻئي پاسي جسٽس سعيد الزمان صديقي جو مڙهه اسپتال کان سندس گھر جي ڀر واري اسپتال جي سردخاني ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب جسٽس سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز سڀاڻي ادا ڪئي ويندي. ترجمان موجب جنازي نماز پولوگرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

Riyaz Pirzasda

وزير اعظم رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي