21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

بنا ميڪ اپ جي چمڪندڙ چهرو….!

beautiful-face

تمام ٿورڙا ماڻهو ڄاڻين ٿا ته گھڻن ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ گليسرين خوبصورتي وڌائڻ ۾ به ڪم اچي ٿي. گليسرين چمڙي کي آلو رکڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي آهي پر ان جا فائدا ان کان به گھڻا آهن.

چمڙي جي خوبصورتيءَ لاءِ گليسرين کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪري سگھجي ٿو.

1_ گلسرين رنگ ڳورو ڪندي آهي:

گليسرين سان ٺاهيل فيس ماسڪ رنگ صاف ڪرڻ سان گڏ داغ ختم ڪندو آهي.

ليمون، گليسرين ۽ گلاب جوپاڻي هڪ جيتري مقدار ۾ کڻي گڏايو ۽ راتو جو سمهڻ کان پهرين چهري تي لڳائي ڪجھه منٽن لاءِ مهٽيو. سڄي رات اهو لڳل رهڻ ڏيو، صبح جو اٿي منهن ڌوئي وٺو.

2_ خشڪ ۽ کُهري چمڙي لاءِ:

خشڪ چمڙي (جيڪا سياري ۾ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ٿي ويندي آهي) ۾ آرام لاءِ مِلڪ ڪريم ۾ گليسرين شامل ڪري چهري تي لڳايو. ڏهه منٽن کانپوءِ گرم پاڻي (هلڪي گرم پاڻيءَ) سان ڌوئي وٺو.

3_ موسچرائيزر طور استعمال:

چمڙي کي آلو رکڻ لاءِ گليسرين کي موسچرائيزر طور استعمال ڪريو. گليسرين کي ڪريم، باٿ جيل يا سادي پاڻي ۾ شامل ڪري چهري تي لڳايو.

4_ چمڙي کي چمڪدار بڻايو:

گليسرين کي بيسڻ ۽ صندل پائوٽر سان گڏائي پيسٽ ٺاهيو ۽ چهري تي لڳايو. 20 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو ۽ پوءِ چڱي طرح ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪري سگھجي ٿو.

5_چهري جا گھُنج ختم ڪرڻ لاءِ:

گليسرين کي بادام جي تيل ۾ ملائي روزانو مساج ڪريو. ان کان سواءِ گليسرين ۾ مڇيءَ جو تيل يا وٽامن اِي آئل به ملائي سگھجي ٿو. گليسرين کي ان جي خاصيت جي ڪري چهري جي چمڙي تي استعمال ٿيندڙ ڪنهن به شئي سان گڏائي استعمال ڪري سگھجي ٿو.  مُنهن ڌوئڻ کانپوءِ گليسرين پاڻي ۾ ملائي چهري تي لڳائڻ سان چهري جي چمڙي ۾ تازگي برقرار رهندي آهي.

6_ موهيڙن تي لڳائڻ لاءِ:

اينٽي بيڪٽيريل خاصيت جي ڪري گليسرين کي موهيڙن جي علاج لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو. موهيڙن ۽ انهن جي نشانن کي تڪڙو ختم ڪرڻ لاءِ انهن تي گليسرين لڳائي سگھجي ٿي، ان کان سواءِ وات جي پچي پوڻ جي صورت ۾ گليسرين لڳائڻ سان جلد اثر ٿئي ٿو.

7_ بهترين ڪلينر تيار ڪرڻ:

ٽي چمچا ڪچو کير ۽ هڪ چمچو گليسرين گڏائي ڪپهه جي مدد سان چهري تي لڳايو. پوءِ چڱي طرح  مهٽڻ کانپوءِ چهرو ڌوئي وٺو ۽ رات جو وري لڳائي سمهي رهو. صبح جو اٿي منهن ڌوئي ڇڏيو.  گليسرين سان گڏ ڪينو (نارنگي جو رس) به شامل ڪري ڪلينر طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.

8_ گليسرين جو ماسڪ:

ميٽ، بادام جو پائوڊر ۽ گليسرين ملائي ماسڪ تيار ڪريو. متاثرڪارن يا اڇن نشانن (ڇاين/چٽريءَ جي نشانن) تي لڳايو. اڌ ڪلاڪ تائين لڳائي رکو، ماسڪ لاهڻ وقت آهستي آهستي مهٽي صاف ڪريو ته جيئن ڪارا نشان آساني سان لهي وڃن.

9_ وارن جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ:

گليسرين اينٽي فنگل خاصيتن جي ڪري وارن جي خشڪي (ٻَڦو) ختم ڪرڻ ۾ بهترين مدد ڏيندڙ آهي. گليسرين ۾ ڪجھه ڦڙا تيل يا پاڻي ملائي وارن جي پاڙن ۾ لڳايو. گليسرين کي ڪنڊيشنر طور به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ٻه مُنهَن وارن لاءِ به گليسرين فائديمند آهي.

پنهنجي خوبصورتي کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ گليسرين کي پنهنجي اسڪن ڪيئر پروڊڪٽس ۾ ضرور شامل ڪريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

make-different-face-packs-with-grapes

انگور سان بڻايو ڌار ڌار فيس پيڪ

انگور ۾ اينٽي اوڪسي ڊنٽ وڏي مقدار ۾ موجو آهي، ان ۾ وٽامن بي، سي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي